دنيا جو سڀ کان وڏو ڳيرو: عمر 20-25 نه 44 سال

دنيا جو سڀ کان وڏو ڳيرو: عمر 20-25 نه 44 سال

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ پالتو ڳيرو سڀ کان وڏي عمر وارو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ويو آهي. گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊز 44 سال ۽ 72 ڏينهن جي عمر جي هن ڳيري کي باضابطا طور تي سڀ کان ڪراڙو قرار ڏنو آهي. گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊز جي انتظاميا چيو آهي ته چيسٽر فيلڊ جي رهواسي ڊيوائن اوريندر جي پالتو ڳيري شوگر کي اهو اعزاز مليو  جيڪو جرمن ڳيري ميٿوسيلا کان 15 سال وڏو آهي. عام طور تي پالتو ڳيرن جي عمر 20 سالن تائين آهي. ڳيري جي مالڪ 77 سالن جي ڊيوائن ٻڌايو ته شوگر کان اڳ، سندس والدين به هن ئي پاليا هئا شوگر جو پسنديده شوق مون سان گڏ صوفي تي ويهڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ آهي.