دنيا جو سڀ کان وڏي عمر جو سهو سامهون اچي ويو

دنيا جو سڀ کان وڏي عمر جو سهو سامهون اچي ويو

لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ برطانوي جوڙي جي پالتو سهي دنيا جي سڀ کان وڏي عمر واري سهي جو اعزاز ماڻي ورتو آهي ۽ ان جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هربي نالي هن سهي جي عمر جي تصديق 10 نومبر 2025 تي ڪئي وئي هئي. ان وقت هو 15 سال ۽ 82 ڏينهن جو هو. تازو گنيز ورلڊ ريڪارڊ انتظاميا سهي جي عمر جي تصديق ڪئي ۽ هربي کي دنيا جو سڀ کان وڏي عمر وارو سهو قرار ڏنو. هربي جي مالڪن، رچرڊ ۽ ميليسا ڊنهم جو واسطو سري سان آهي هنن چيو ته انهن هربي کي ان وقت پاليو جڏهن هو صرف اٺ هفتن جو هو.