دنيا جو سڀ کان ٿلهو شخص گڙدن جي بيماري ۾ فوت

دنيا جو سڀ کان ٿلهو شخص گڙدن جي بيماري ۾ فوت

ميڪسيڪو سٽي (انٽريسٽنگ نيوز) دنيا جو سڀ کان ٿلهو شخص گڙدن جي بيماري ۾ فوت ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دنيا جو ٿلهو شخص جو آن پيٽرو فرانڪو رڳو 41 ورهين جي ڄمار ۾ حياتي وڃائي ويٺو، ميڪسيڪو واسي نوجوان جو وزن 600 ڪلو گرام رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن بعد 2017 ۾  کيس دنيا جو ٿلهو شخص قرار ڏئي گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جو آن پيٽرو فرانڪو ڊگهي عرصي کان رڳو بستري تائين محدود هو  ۽ لاڳيتو بيمارين سان منهن ڏئي رهيو هو ، ڪجهه عرصو اڳ هن وزن گهٽائڻ جو فيصلو ڪرڻ بعد ڊائٽنگ به شروع ڪري ڏني، سرجري ۽ ڊائٽنگ باوجود سندس وزن رڳو 10 ڪلو گهٽ ٿي سگهيو. گڙدن جي بيماري سبب جون آن پيٽر فرانڪو کي اسپتال آندو ويو پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو  ۽ هو رڳو 41 ورهين جي ڄمار ماڻي سگهيو.