دنيا جو نائون عجوبو؟ رهائشي عمارتن مٿان هاءِ وي ٺهيل

دنيا جو نائون عجوبو؟ رهائشي عمارتن مٿان هاءِ وي ٺهيل

شنگهائي (انٽريسٽنگ نيوز) هن دور ۾ بلند عمارتون عام ٿي ويون آهن، پر ڇا توهان ڪڏهن اهڙين عمارتن جي ڇتين تي موٽر وي ڏٺو آهي؟ يقين ڪرڻ مشڪل ٿي سگهي ٿو، پر اهڙو منفرد عجوبو اصل ۾ چين جي هڪ شهر ۾ موجود آهي. چيني شهر گوئيانگ ۾ واقع شوڪوشي پل، جنهن کي شوڪوشي اوور پاس پڻ چيو ويندو آهي، جي تعمير 1997 ۾ مڪمل ٿي. ان وقت کان وٺي، هي جڳهه ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز رهي آهي ڇاڪاڻ ته ان جي هيٺان ڪيتريون ئي رهائشي عمارتون آهن، جن جي ڇتين تان هڪ روڊ گذري ٿو. هن شهر ۾ سستي رهائش جي کوٽ آهي، تنهن ڪري شهر جي انتظاميا هن پل جي هيٺان جاءِ کي اپارٽمينٽ عمارتن جي تعمير لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شوڪوشي پل جي هيٺان عمارتن جي تعمير جو خيال شهر جي دل ۾ خالي زمين کي رهائشي منصوبن لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ هو. هاڻي هن پل جي هيٺان هڪ درجن کان وڌيڪ اپارٽمينٽ عمارتون آهن ۽ اتي رهندڙن کي اڪثر پل تان گذرندڙ ٽرئفڪ جي شور ۽ وائبريشن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. پل جي تعمير ٿيڻ کان ٻه سال پوءِ 10 رهائشي عمارتون گهٽ قيمت واري هائوسنگ منصوبي جي طور تي تعمير ڪيون ويون، ۽ آهستي آهستي وڌيڪ عمارتون مڪمل ڪيون ويون. اتي رهندڙ تمام گهٽ ماڻهو مسلسل شور جي شڪايت ڪن ٿا، گهڻا ماڻهو سستي رهائش تي خوش آهن. حقيقت ۾، گهڻا ماڻهو عمارتن جي شور ۽ وائبريشن کي هن منفرد جڳهه جي ڪشش سمجهن ٿا. رهواسين لاءِ حالتون بهتر بڻائڻ لاءِ، انتظاميه بتدريج ٽرڪن کي پل تان گذرڻ کان روڪيو، جنهن سان عمارتن جي شور ۽ وائبريشن ڪجهه حد تائين گهٽجي وئي.