| دنيا جي انوکي هوٽل: مهمانن کي اٿارڻ لاءِ شينهن جا ٻچا مقرر |
بيجنگ(انٽريسٽنگ نيوز) دنيا جي انوکي هوٽل جٿي مهمانن کي اٿارڻ لاءِ شينهن جا ٻچا مقرر ڪيا ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب چين جي صوبي جيانگسو جي علائقي سقيان ۾ هڪ انوکي هوٽل قائم ٿيل آهي، جٿي شينهن جا ٻچا ڊيوٽي تي مقرر ڪيا ويا آهن، هوٽل ۾ اهي شينهن جا ٻچا صبح جو مهمانن کي اٿارڻ جو ڪم ڪن ٿا، مهمانن کي صبح جي وقت شينهن جي ٻچن سان گڏ کيڏڻ جي به اجازت مليل آهي، شينهن جي ٻچن جي اها سروس صبح 8 کان صبح 10 وڳي تائين دستياب هوندي آهي، 20 ڪمرن تي مشتمل ان هوٽل ۾ ان سروس سان گڏ هڪ ڪمري جو هڪ رات جو ڪرايو 628 يو آن رکيو ويو آهي، شينهن جي ٻچن کي هر ڪمري ۾ 7 منٽن تائين رهڻ ڏنو وڃي ٿو، ان لاءِ ڪمري ۾ رهندڙن کان پهرين هڪ معاهدي تي صحيح ورتي ويندي آهي ، شينهن جي ٻچن سان هڪ نگران به مقرر ٿيل هوندو آهي ۽ مهمانن کي مشورو ڏنو ويندو آهي ته هو پنهنجي تحفظ جو خيال رکن. هوٽل انتظاميا موجب اها سروس فراهم ڪرڻ قانوني آهي ۽ اسان شينهن جي پرورش لاءِ سرڪاري ادارن ۾ رجسٽريشن ڪرائي آهي، ان سروس کي وڏي شهرت ملي آهي جنهن سبب نومبر جي آخر تائين هوٽل جا سمورا ڪمرا بڪ ٿي چڪا آهن.