| دنيا جي سڀ کان وڏي ريلوي اسٽيشن: ٺهي به اک ڇنڀ ۾! |
شنگهائي (انٽريسٽنگ نيوز) دنيا جي سڀ کان وڏي ريلوي اسٽيشن چين ۾ واقع آهي جيڪا آرڪيٽيڪچرل عجوبي کان گهٽ ناهي. چونگ چنگ ايسٽ ريلوي اسٽيشن ڏکڻ اولهه چين ۾ واقع آهي ۽ ايراضي جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ريلوي اسٽيشن آهي، جيڪا جون 2025 ۾ عوام لاءِ کولي وئي. هي ريلوي اسٽيشن 13 ملين چورس فوٽ جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جيڪا ايراضي 170 فٽبال ميدانن جي برابر آهي، جڏهن ته چونگ چنگ اسٽيشن نيويارڪ جي گرينڊ سينٽرل کان 5 ڀيرا وڏي آهي. هن ريلوي اسٽيشن ۾ 15 پليٽ فارم ۽ 29 ٽريڪ آهن ۽ رش جي وقت ۾ هر ڪلاڪ ۾ 16,000 مسافر اتي ايندا آهن. ان جي ڇت لاءِ 16,500 ٽن اسٽيل استعمال ڪيو ويو. پر ان جي سڀ کان خاص خصوصيت ان جي تيز رفتار تعمير آهي ۽ اها به هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي. چونگ چنگ هڪ جابلو علائقو آهي ۽ انهيءَ ڪري اتي ٽرانسپورٽ سسٽم ٺاهڻ تمام ڏکيو هو. اها اسٽيشن صرف 38 مهينن ۾ 40,000 انساني مزدورن ۽ روبوٽڪ مشينري جي مدد سان ٺاهي وئي.