دنيا جي سڀ کان ڊگهي فوسبال ٽيبل جو رڪارڊ قائم

دنيا جي سڀ کان ڊگهي فوسبال ٽيبل جو رڪارڊ قائم

لاس اينجلس (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ آمريڪي ڪمپني فيفا ورلڊ ڪپ جي جشن ۾ دنيا جي سڀ کان ڊگهي فوس بال ٽيبل ٺاهي هڪ نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. نيويارڪ جي هڪ ڪمپني 525 فوٽ ڊگهي فوس بال ٽيبل ٺاهي جيڪا تقريباً 112 فوس بال ٽيبلن جي برابر آهي. 11 جولاءِ تي بروڪلن جي هڪ گهٽي ۾ منفرد ٽيبل جو مظاهرو ڪيو ويو، جتي هڪ ئي وقت درجنين ماڻهن راند ۾ حصو ورتو. گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊز جو نمائندو مائيڪل ايمپرڪ پڻ تقريب ۾ موجود هو، جنهن سرڪاري طور تي رڪارڊ جي تصديق ڪئي. مائيڪل ايمپرڪ مطابق شديد گرمي باوجود تقريب ڪاميابي سان مڪمل ٿي. هي فوس بال ٽيبل واقعي شاندار هئي جيڪا شهر جي بلاڪ کان وڌيڪ ڊگهي هئي. اڳ ۾ دنيا جي سڀ کان ڊگهي فوس بال ٽيبل جو رڪارڊ ترڪي وٽ هو جتي 2023 ۾ 497 فوٽ 8.4 انچ ڊگهي ٽيبل ٺاهي هي اعزاز حاصل ڪيو ويو هو.