| دنيا جي شاهڪار پل جنهن تي چڙهي مٿو ڦرڻ لڳندو |
بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين ڪجهه سالن دوران ڪيترائي شاندار تعميراتي منصوبا مڪمل ڪيا آهن پر هوجيانگ پل هڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن کي انجنيئرنگ جو هڪ ناممڪن ڪارنامو سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن توهان اوچائي کان ڊڄو ٿا، ته پوءِ هي پل پار ڪرڻ آسان ناهي ڇو ته ان کي پار ڪرڻ دوران توهان جو مٿو چڪرائجي سگهي ٿو. هي پل زمين کان 625 ميٽر مٿي واقع آهي ۽ سيپٽمبر 2025 ۾ دنيا جي سڀ کان ڊگهي پل طور تي کولي وئي. ٽائم ميگزين ان کي 2026 جي بهترين جڳهين ۾ پهريون نمبر ڏنو آهي. ان کان اڳ، دنيا جي سڀ کان ڊگهي پل فرانس ۾ ميلاؤ وائيڊڪٽ هئي، پر چيني پل 947 فوٽ اوچي آهي. ڏکڻ اولهه چين ۾ واقع گوئيزو صوبي ۾ هوجيانگ گرينڊ ڪينيئن پل جو مقصد سفر جو وقت گهٽائڻ آهي. هن پل جي ڪري اڳ ۾ جيڪو سفر 2 ڪلاڪن ۾ پورو ٿيندو هو، هاڻي هڪ منٽ ۾ پورو ٿي ويندو آهي. اسٽيل مان ٺهيل پل 9482 فوٽ ڊگهي آهي ۽ ان جي تعمير جنوري 2022 ۾ شروع ٿي ۽ سيپٽمبر 2025 ۾ عوام لاءِ کولي وئي. پل لاءِ 20,000 ٽن اسٽيل استعمال ڪيو ويو ۽ ان رقم مان 3 ايفل ٽاور ٺاهي سگهجن ٿا.