Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_8fbnho43d67bf48glchafgqctq, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
دنيا جي مختلف علمن ۾ تنقيدي لاڙا! ... جسارت الياس سنڌي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar دنيا جي مختلف علمن ۾ تنقيدي لاڙا! ... جسارت الياس سنڌي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

دنيا جي مختلف علمن ۾ تنقيدي لاڙا! … جسارت الياس سنڌي

اسانجي معاشري ۾ علمي ادبي تنقيد ڪرڻ کي عام طور برو ۽ غلط فعل سمجھيو ويندو آھي پر دنيا جي مختلف علمن انکي فائديمند قرار ڏنو آھي. اچو ته دنيا جي چند علمن ۾ تنقيد کي ڪھڙيءَ ريت ڏٺو ٿو وڃي انجو ھڪ مختصر جائزو وٺون.
تنقيد ۽ سائنس:
سائنسدان سماجي ۽ ڪنھن به مسئلي تي مروج اصولن تحت تحقيق ڪري جنھن نتيجي تي پھچندا آھن ان کي تحقيقي مقالي جي صورت ۾ ڇاپڻ سان گڏ زباني طور مختلف سائنسي ويھڪن جھڙوڪ عالمي ڪانفرنسن يا سيمينارن ۾ جڏھن پڙھندا آھن ته اتي ويٺل ماھر ان تحقيق کي تنقيدي نظر سان جائزو وٺي ان تي بحث مباحثو ڪندا آھن. ان علمي بحث دؤران وڏي باريڪ بيني سان پيش ڪيل موضوع جي نتيجن تي ويٺل سائنسدان ۽ محقق سوالن جوابن جي ڏي وٺ ڪري آخرڪار ڪنھن حتمي نتيجي تي پھچندا آھن. ان دؤران ھو پنھنجي قيمتي راين کان به محقق کي آگاھه ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس صلاحون پڻ ڏيندا آھن انکان بعد اھو مقالو وري شايع به ٿيندو آھي جنھن تي وري تعميري تنقيد جو ھڪ نئون سلسلو شروع ڪيو ويندو آھي ۽ محقق سان خط و ڪتابت ذريعي رابطا ڪري دنيا جا ماھر يا شاگرد بحث ڪري کانئس معلومات وٺي، ان بابت پنھنجا نطريا پيش ڪندا آھن. ان سڄي عمل دؤران ڪٿي ڪا ڪمي يا ڪوتاھي ٿيندي آھي ته انکي درست ڪيو ويندو آھي. واضح رھي ته اھڙي تحقيق کي دنيا آڏو منظر عام تي آڻڻ بعد ساڳي تحقيق کي ڪڏھن به (ڀلي سوين سال گذري وڃن) ان موضوع جو ڪو به محقق بعد ۾ سائنسي تحقيق جي اصولن تحت اڀياس ڪري انکي رد يا نون نظرين سان ترميم يا اضافو ڪري سگھي ٿو. اھو سڄو تعميري ۽ تخليقي عمل صرف ۽ صرف مواد جي تنقيد ۽ حاصل نتيجن جي ڇنڊ ڇاڻ ذريعي ئي ممڪن ٿيندو آھي. ثابت ٿيو ته تنقيد ھڪ سائنس پڻ آھي.
تنقيد ۽ نفسيات:
ماھر نفسيات تنقيد کي ڪمزور انسانن جي صحت لاءِ اڻ سڌي ريت نقصانڪار قرار ڏنو آھي. عام طور تي شگر، دل ۽ بلڊ پريشر جا مريض ان تنقيدي سلسلي کي ھرگز پنھنجي مٿان برداشت ناھن ڪندا. ان ڏس ۾ ڪجھه دماغي بيماريون پڻ انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار ٿي سگھن ٿيون. ڪجهھ ماڻھو پاڻ ٻين تي ڇتي تنقيد ڪندا آھن پر جڏھن انھن مٿان ڪير تنقيد ڪندو آھي ته اھا ھرگز برداشت ناھن ڪندا اھڙي حالت کي ماھر نفسيات Paranoid Personality Disorder پيرانوائڊ پرسنلٽي ڊس آرڊر سڏيو آھي جيڪو نھايت اھم آھي جنھن ۾ تنقيد ڪندڙ ٻه ليکڪ نھايت غير سنجيدگي سان ھڪٻئي مٿان جڏھن تنقيد ڪندي ڏسجن ته انھن ۾ جيڪو سخت لھجو اختيار ڪري اھو ان حالت جو شڪار چئجي سگھجي ٿو. جڏھن ته ڪجهھ ماڻھو وري تنقيد جي رد عمل ۾ بچاءُ ڪندا آھن ۽ پنھنجي ھم خيال ماڻھن جو جٿو تيار ڪري نقاد جي خلاف سخت ردعمل ڏيکاري اھو ثابت ڪندا آھن ته ھو عقل ڪُل آھن. اھڙن ماڻھن کي جيڪا نفسياتي بيماري ھوندي آھي انجو نالو ايؤوئيڊنٽ پرسنلٽي ڊس آرڊر (Avoidant Personality Disorder (APD آھي جيڪو ڪرافورڊ، ڪوھئين، جانسن ڪيسين، فرسٽ، گورڊن (2005) جي مقالي (جيڪو دنيا جي مشھور تحقيقي جرنل ’جرنل آف پرسنلٽي ڊس آرڊرزJournal of Personality Disorder‘ ۾ ڇپيو) ۽ گرانٽ بي. ايف.، حاسن، دي ايس،. اسٽنزن، ايف، ايس، ڊازن، ڊي، اي، چوو، ايس، پي رووان ۽ ڊبليو، جي، 2004، جي مقالي (جيڪو جرنل آف ڪلينيڪل سائيڪياٽريJournal of Clinical Psychiatry ۾ ڇپيو) مطابق اسانجي سماج ۾ ھن بيماري جا مريضَ ٻين لاءِ عجيب ناسورَ پئدا ڪندا آھن. ڪجھه ماڻھو تنقيد جي بدلي پلانڌ ڪرڻ کي لازم ۽ ملزوم سمجھي ٻين کي ھرگز تسليم ناھن ڪندا ۽ ٻين کي گارگند ڪرڻ سان گڏ سنگين الزام پڻ ھڻندا آھن. اھي شخص يا ته خانداني طور ان بيماري ۾ موروثي طرح ورتل ھوندا آھن يا وري وقت جون حالتون کين ان طرح بيمار ڪن ٿيون. اھڙي بيماري جو نالو نيرسزٽڪ پرسنلٽي ڊس آرڊر Narcissistic Personality Disorder NPD آھي جيڪو چين جي سائنسدانن مؤجب علمي ۽ ادبي تنقيدي سلسلي کان ھٽي ڪري الڳ ھڪ وڏي بيماري آھي جيڪا تمام گھٽ ماڻھن ۾ ٿيندي آھي.
تنقيد ۽ اڪنامڪس:
جتي دنيا جي مختلف علمن ۾ تنقيد جي موجودگي ملي ٿي اتي معاشيات ۾ پڻ تنقيدي ۽ تعميري اڀياس جا مطالعا ملن ٿا جن سان ڪنھن به ملڪ جي ترقي جا منصوبا ٺاھي انھن تي عمل ڪرڻ جا سانڀاھا موجود ھوندا آھن. ورلڊ اڪنامڪ فورم موجب ايڪيھين صديءَ تعميري ۽ تخليقي صدي آھي. دنيا ۾ جيتري تنقيد معاشي پاليسين تي ٿي آھي ايتري تنقيد شايد ڪنھن به معاملي تي ناھي ٿي. معاشي منصوبا بندي ذريعي معاشي پاليسيون ترتيب ڏيڻ واسطي صنعت ڪارن جو راڄ انھن مٿان سڌيءَ ريت اثرانداز ٿئي ٿو. سرمائيڪاري جٿي حاوي ھجي ان معاشري ۾ غريب کي مشينن ۾ پيڙھي انجو رت چوسي ناڻو ڪمايو ويندو آھي. پئسي ڏوڪڙ جو درست استعمال ڪرڻ ھڪ غريب لاءِ وڏي اھميت رکي ٿو. ان ڏس ۾ انگلينڊ جي ماھر معاشيات الفريڊ مارشل(1842ع ـ 1924ع) جي نظرين ۽ ڏنل معاشي خاڪن تي وڏي پئماني تي تنقيدون ٿيون جھڙوڪ سندس نظرئي کي، انڪري به رد ڪيو ويو جو ھن دولت ۽ انساني ڀلائي جي وچ ۾ ڪنھن به ڳانڍاپي جو ذڪر نه ڪيو جنھن سان سندس نظرئي تي بحث ٿيا. اھڙي ريت مشھور انگريز اڪنامسٽ لائنيل رابن (1896ع ـ 1984ع) ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ماھر فلاسافر آدم سمٿ (1723ع ـ 1790ع) کان علاوہ مشھور فلاسافر ۽ مختلف سياسي،. سماجي ۽ اڀياسي نظرين جي باني ڪارل مارڪس (1818ع ـ 1883ع) سميت ٻين اوائلي ماھرن ۽ معاشيات جي ليکڪن ۽ محققن مٿان ھر دؤر ۾ تنقيدون ٿينديون پيون اچن جنھن سان سندن نظرين کي پڙھي دنيا ۾ تحقيق ۽ شعور جا وڌيڪ نوان رستا کلي رھيا آھن. مطلب ته تنقيد جو اڪنامڪس سان گھرو رشتو رھيو آھي.
تنقيد ۽ حياتيات:
دنيا ۾ حياتياتي علمن جي تاريخ تمام پراڻي آھي. حياتيات جي عالمن جڏھن به فلسفا بيان ڪيا ته جھڙوڪر انھن پاڻ لاءِ رد پئدا ڪيا. حياتات جي ھڪ وڏي شاخ ”ارتقائي حياتيات“ اڄ به متنازعه انڪري آھي جو ان ۾ ذڪر ڪيل مختلف نظريات ڪٿي سمجھه ۾ اچن ٿا ته ڪٿي انسان انھن کي قابل قبول نه ٿا سمجھن. ارتقا اڻٽر آھي پر حياتي جي ارتقا بابت دنيا، ۾ وڏا بحث ٿيا آھن. شايد ارتقائي حياتيات جي مختلف موضوعن تي جيترا بحث ٿيا آھن ايترا بحث ٿي سگھي ٿو قدرتي سائنس جي ڪنھن موضوع تي ورلي ٿيا ھجن. ڪافي نظرياتي مانھن ٿيوري آف نيچرل سليڪشن کي رد ڪيو آھي جڏھن ته ڪافي ماڻھو. قبول ڪري ان نظرئي کي مڃين ٿا. اھو سڀ تنقيد جي ڪري ممڪن ٿيو آھي نہ تہ ھرگز انسانن ۾ اھا تعميري پرورش ڪونه ٿئي ھا. ان ڏس ۾ 2017ع ۾ ڇپيل مقالو بنام ”ارتقائي حياتيات ۾ ڇا غلط آھي؟“ (جيڪو جرنل بائلاجي اينڊ فلاسافي ۾ 32 ھين شماري جي صفحي نمبر 263 کان 279 تي موجود آھي) پڙھڻ جھڙو آھي جنھن ۾ حياتيات مٿان ٿيندڙ تنقيد تي سرسري نظر سان ٿيل تحقيق بابت تخليق جا انگ اکر تمام بھتر نموني ذڪر ٿيل آھن.
تنقيد ۽ قانون جو علم:
جھڙي ريت تـنقيد جو عمل ۽ علم دنيا جي ٻين علمن ۾ رائج آھي بلڪل اھڙيءَ ريت اھا تنقيد قانون جي علم ۾ پڻ رائج آھي. جڏھن به ڪو قانون ٺھندو آھي ته انجي پٺيان ھڪ وڏو عمل ھوندو آھي جنھن ۾ قانون ساز ادارا ان تي سٺي تنقيدي جائزي آڌار ايستائين تبديليون ڪندا رھندا آھن جيستائين انجي حتمي شڪل نه ٿي بيھي. قانون پاس ڪري لاڳو ڪرڻ کانپوءِ به ان کي عوام الناس پاران تنقيد کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. مثال؛ آمراڻي دؤرن ۾ ٺھيل قانون اسان وٽ اڄ ڏينھن تائين تنقيدي مرحلن مان پيا گذرن. اھڙي ريت قانون جي علم ۾ تنقيدنگاري بابت خود قانون ٺھيل آھن ته ڪير ڪنھن جي مٿان ڪيترو تنقيد ڪري سگھي ٿو. قانون بابت ھڪ تحقيقي مقالو جيمز سيٽان جو ”قانون ۽ ادب, ڪم، تنقيد ۽ نظريا“ نالي 1999 ۾ ڇپيو جنھن ۾ ھن رچرڊ وئزبرگ ۽ مارٿا نزابم جا نظريا تفصيل سان بحث ھيٺ آندا آھن جن بقول وڏا ادبي ڪم ھميشه پنھنجي نظرين جو قانون مؤجب ساٿ ڏيندا آھن. انھن بقول ادب ۾ تنقيد ھڪ تعميري مرحلو آھي. ان ڏس ۾ ھڪ عالمي تحقيقي جرنل بنام ”لا اينڊ ڪرٽق Law and Critique“ (جيڪو دنيا جي ڇپجندڙ تحقيقي جرنلن ۾ ويھين نمبر تي معياري جرنل آھي) پڻ گذريل ويھن سالن کان ”ڪرٽيڪل ليگل ڪانفرنس“ جي الحاق سان Springer نالي مشھور اداري طرفان ڇپجندو پيو اچي جنھن ۾ قانون ۽ تنقيد، نفسياتي جائزي، تاريخ، تنقيدي نظرين، قانون ۽ ادب ۽ خاص ڪري تنقيدي قانوني تعليم بابت دنيا جي ماھر فلاسافرن جي زير قيادت تخليقي ڪم شايع ٿيندو آھي. قانوني تعليم ۾ تعميري تنقيد جو وڏو عمل دخل انڪري به آھي جو قانون انساني زندگي جا اصول ۽ ضابطا پڻ مقرر ڪري ٿو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *