Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_9ltdui227gsui10kpkosl912du, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
دنيا جي ننڍي عمر واري حڪمران قلوپطره ... بشير جانوري - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar دنيا جي ننڍي عمر واري حڪمران قلوپطره ... بشير جانوري - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

دنيا جي ننڍي عمر واري حڪمران قلوپطره … بشير جانوري

ھن سنسار کي سونھن ڀريو بنائڻ ۾ جتي مرد اھم ڪردار ادا ڪيو آھي اُتي عورت پڻ وسان ناھي گھٽايو جيڪڏهن ھڪ پل لاءِ عورت جي وجود ۽ ڪائنات کي الڳ ڪجي ته ھي جڙيل نظام ائين لڳندو جيئن روشني بنا ڏيئو.عورت سراپا سونھن ۽ سچ جي علامت آھي.اُھو ئي سبب آھي جو تخليقڪارن جو اھم موضوع عورت رھي آھي.دنيا ۾ ڪافي عورتون اھڙيون به ٿي گذريون آھن جن جي مشھوري سرحدن، خطن ۽ ملڪن مان نڪري دنيا تائين پھتي.اھڙين عظيم عورتن ۾ قلوپطره جو پڻ شمار ٿئي ٿو جنھن ننڍي ڄمار ۾ شھرت جا عالمي رڪارڊ قائم ڪيا.ھُن دنيا جي وڏي فاتح سڪندر اعظم جيان بي پناھه شھرت ماڻي.دنيا جي حڪمران عورتن ۾ ھي پھرين ننڍي عمر واري حڪمران ھئي جنھن 18 سالن جي ڄمار ۾ تخت سنڀاليو ۽ 29 سالن جي عمر ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي.ان وقت عورت حڪمران لاءِ اھو قانون مروج ٿيل ھو ته ھو تخت نشين ٿيڻ بعد ڀاءُ سان شادي ڪندي.ان وقت جي قانون مطابق ھُن پنھنجي 12 سالن جي ڀاءُ سان شادي ڪئي جنھن کي ٽوليمي تيرھون سڏيو ويو .قلوپطره کي حڪمراني ۽ طاقت سبب فرعونيه جو لقب پڻ مليل ھو. سندس حڪومت مختصر عرصو رھي .ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ فوج کيس حڪومت ڇڏڻ تي مجبور ڪيو.حڪومت تان دستبردار ٿيڻ بعد سندس ٻيو ڀاءُ 14 سالن جي ڄمار ۾ تخت نشين ٿيو.
حڪومت وڃائڻ بعد قلوپطره پنھنجو بدلو وٺڻ لاءِ منصوبو جوڙيو جنھن ۾ ھن پنھنجي ڀيڻ آرسينو کي ساڻ ڪري ماڻھن کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو.ھُن حڪومت ھلائڻ جو فن پنھنجي پيءُ کان سکيو ھو جنھن کيس زندگي جي لاھن چاڙھن بابت سيکاريو.ھُن اھو به سبق سکيو ته اقتدار جي حفاظت ئي پھريون فرض ھئڻ گھرجي.قلوپطره ڪافي سحرانگيز ۽ خوبصورت عورت ھئي جنھن سونھن جي بنياد تي ان وقت جي اھم جنرل جوليس سيزر کي پنھنجين ادائن سان پنھنجو ڪري ورتو.جڏھن ھو فقط ويھن سالن جي ھئي ۽ جوليس سيزر جي عمر 52 سال ھئي ان وقت قلوپطره پاڻ کي غاليچي ۾ ويڙاھي سيزر جي آڏو نروار ٿي.جوليس سيزر سندس سونھن کي ڏسي مٿس موھت ٿي پيو.سيزر قلوپطره جي ادائن ۾ ڦاسي وڃڻ بعد قلوپطره کي حڪمران بنائڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي.جوليس سيزر ٽوليمي تيرھين کي شڪست ڏئي ھڪ دفعو ٻيھر قلوپطره کي اقتدار تي ويھاريو.ان وقت جي قانون موجب ھن پنھنجي ڀاءُ سان شادي ڪئي جنھن کي ٽوليمي 14 جو خطاب مليو.سندس ڀاءُ سان شادي واري ڳالهھ ان وقت جي مذھبي ڌرين کي ناگوار گذري جن آرسينو کي اڳتي ڪري (جيڪا قلوپطره جي مخالف بڻجي چڪي ھئي) ساڻس جنگ ڪئي.جنھن ۾ قلوپطره شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي.جوليس سيزر سڪندر اعظم ۽ قلوپطره جي مشھوري ۽ شھرت سبب کانئن حسد رکندو ھو پر پوءِ به ھو قلوپطره جي ڪافي عزت ڪندو ھو.قلوپطره جي وڌيڪ عزت ڪرڻ ئي سندس موت جو سبب بڻيو.ھو جڏھن روم تي ڏھن سالن لاءِ حڪمران ٿيو ته جوليس سيزر قلوپطره سان شاھي جلوس سان گڏ داخل ٿيو.قلوپطره جي اھڙي ھمت افزائي تي ماڻھو مٿس ناراض ٿيا.خود جوليس سيزر جا فوجي پڻ ناراضگي جو اظھار ڪرڻ لڳا.
رومن تھذيب ۾ عورت کي خسيس شيءَ سمجھو ويندو ھو.جڏھن سيزر وينس جي بت خاني ۾ قلوپطره جو مجسمو نصب ڪيو ته حالتون ويتر خراب ٿي ويون.رومن سينيٽرس مختلف سازشون رٿي 15 مارچ 44 ق م ۾ سينيٽ جي ھلندڙ اجلاس ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيو.سيزر جو پلاند سندس پٽ ھورس ڪيو جيڪو کيس قلوپطره مان ڄائو ھو.جوليس سيزر پنھنجي زندگي ۾ پٽ کي گھربل مان ۽ مرتبو نه ڏنو.سيزر جي قتل بعد قلوپطره پنھنجي پٽ ھورس سميت روم مان فرار ٿي مصر پھتي.سندس ڀاءُ ٽوليمي چوڏھين کيس پٽ سميت قتل ڪرڻ پئي چاھيو پر ھو پھريان ئي مارجي ويو.تاريخي شاھدين مطابق قلوپطره پنھنجي ڀاءُ کي زھر ڏئي مارايو ھو.ڀاءُ جي وفات بعد سندس پٽ ھورس ٽوليمي پندرھون حڪمران ٿيو.جڏھن ته روم ۾ جوليس سيزر جي وفات کان پوءِ ٽن جنرلن، جنرل اوڪٽاوين، جنرل ليپيڊس ۽ جنرل مارڪ ائنٽوني تي مشتمل حڪومت قائم ٿي .ٽنھي جنرلن کي قلوپطره جي حمايت حاصل ھئي. جنرلن تي مشتمل حڪومت جٽادار نه ٿي سگھي.اڳتي ھلي مارڪ ائنٽوني روم جو حڪمران ٿيو.ھُن خدائي جي دعوي ڪئي.جوليس سيزر جي بت اڳيان ھڪ سو سپاھين جي قرباني ڏنائين.جيڪا بعد ۾ روم ۾ رسم طور مشھور ٿي.ائنٽوني پنھنجي غلط ڪارين ۽ پارسين سان لڙاين ڪرڻ سبب ڪافي پيسو ضايع ڪيو جنھن ڪري سندس مالي حالت خراب ٿي وئي.ائنٽوني مالي امداد لاءِ قلوپطره ڏانھن پيغام موڪليو جيڪو ھُن خوشي سان قبولي ورتو.قلوپطره سامان سان ڀريل بحري جھاز سميت ائنٽوني ڏي رواني ٿي.جڏھن قلوپطره بحري جھاز مان لھي ائنٽوني جي سامھون آئي ته ھن کيس پھرين نظر ۾ ئي پسند ڪري ورتو.گھڻي امداد ملڻ جي ڪري ائنٽوني مالي طور مستحڪم ٿي ويو.ڪجھه وقت بعد قلوپطره مارڪ ائنٽوني کي مصر وٺي آئي ۽ ٻنھي جو عشق مشھوري ماڻڻ لڳو.30 قبل مسيح ۾ فوج قلوپطره کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتاري بعد قلوپطره 29 سالن جي ڄمار ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي.جڏھن ته مارڪ ائنٽوني پڻ قلوپطره جي موت جي خبر ٻڌي مايوسي وچان خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *