دنيا جي وڏي شپنگ ڪمپني مارسڪ جو آپريشن بند

دنيا جي وڏي شپنگ ڪمپني مارسڪ جو آپريشن بند

مسقط (م ڊ) ڊينش شپنگ ڪمپني مارسڪ جو چوڻ آهي ته ڊرون حملي کانپوءِ عمان ۾ صلاله بندرگاهه تي آپريشن 48 ڪلاڪن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي. پنهنجي ويب سائيٽ تي هڪ بيان ۾ ڪمپني چيو ته حملي کانپوءِ بندرگاھھ کي فوري طور تي خالي ڪرايو ويو آھي. عماني اختيارين چيو ته حملي ۾ هڪ مزدور زخمي ٿيو ۽ بندرگاهه کي محدود نقصان پهتو.