| دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي حملي جو حڪم ڏئي سگهان ٿو (صدر ٽرمپ) آمريڪا عالمي نظام تباهه ڪري رهيو آهي: يورپي اڳواڻ |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۾ جاري احتجاجن تي ايران خلاف سخت ڪارروائي جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته مان سڄي دنيا جي ملڪن تي آمريڪي فوجي حملي يا جارحيت جو حڪم ڏيڻ جو مڪمل اختيار رکان ٿو. هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي فوج جي ڪمانڊر ان چيف جي حيثيت سان پنهنجي اختيارن جي حد جو فيصلو ڪندڙ مان پاڻ ئي آهيان، جيڪا واحد شي مون کي روڪي سگهي ٿي اها منهنجي پنهنجي اخلاقيات ۽ منهنجو پنهنجو دماغ آهي. عالمي قانون منهنجي فيصلن کي روڪي نه ٿا سگهن. ان موقعي تي هن هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين وينزويلا جا معاملا هلائڻ ۽ تيل تي قبضو جاري رکڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جو استعمال جاري رهيو ۽ انهن کي ماريو ويو ته آمريڪا سخت ڪارروائي ڪندو. هن چيو ته انهن احتجاجن دوران درجنين ماڻهو مارجي ويا آهن. ڪجهه ماڻهو مظاهرين کي منتشر ڪرڻ دوران مارجي ويا آهن، اسان ايران ۾ صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون. آمريڪي صدر چيو ته احتجاجين جو تعداد وڌي رهيو آهي، ڪجهه هنڌن تي احتجاج دوران ڀاڄ پئجي وڃڻ جون رپورٽون پڻ آهن ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته ڪجهه ماڻهو مارجي ويا آهن. هن چيو ته مون کي واضح طور تي سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن حالتن جو ذميوار ڪير هجڻ گهرجي. پر انهن کي ٻڌايو ويو آهي ۽ پيغام سخت انداز ۾ پهچايو ويو آهي.
برلن (م ڊ) يورپ جي طاقتور ملڪ جرمني ۽ فرانس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا پنهنجي اتحادين کان پري ٿي رهيو آهي اسان کي دنيا کي ڦورن جو اڏو بڻجڻ کان بچائڻو پوندو. برلن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جرمن صدر فرينڪ والٽر اسٽين چيو ته اسان کي گڏجي دنيا کي ڦورن جي ٺڪاڻن ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻو پوندو. آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي هن خبردار ڪيو ته عالمي قانونن ۽ اتحاد کي نظرانداز ڪيو ويو ته دنيا هڪ اهڙي جاءِ بڻجي ويندي، جتي طاقتور ملڪ ڪمزور رياستن کي پنهنجي مرضي جي تابع بڻائيندا. سندس چوڻ هو ته آمريڪي پاليسيون عالمي نظام کي تباهه ڪري رهيون آهن، دنيا کي ڦورن جي ٺڪاڻي ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. ٻئي طرف مختلف ملڪن ۾ مقرر پنهنجي سفيرن کي خطاب ڪندي فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو ته آمريڪا هوريان هوريان پنهنجي اتحادين کان پري ٿيندو پيو وڃي. ايمانوئل ميڪرون چيو ته اسان اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا، جتي وڏيون طاقتون دنيا ورهائي رهيون آهن، آمريڪا ڳڻتيءَ کان آجو ٿي عالمي قانون ٽوڙي رهيو آهي. هن چيو مان نٿو سمجهان ته گرين لينڊ جي معاملي ۾ آمريڪا ڊنمارڪ جي قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندو.