سئنيما جي دنيا جي تاريخ ۾ ڪي فلمون رڳو فلمون ناهن هونديون. اهي پنهنجي دور جي تاريخ، سياست، جنگ، ثقافت ۽ انساني نفسيات جو اهڙو ته سدا بھار دستاويز ھونديون آهن جن کي ڏهاڪن کانپوءِ به ڏسڻ سان نئين معنيٰ سامهون اچي ٿي. “لارينس آف عربيا” به ھڪ اهڙي ئي هڪ سدا بھار ۽ منفرد فلم آهي. 1962ع ۾، مشهور برطانوي هدايتڪار ڊيوڊ لين جي هدايتڪاري ۽ سام اسپيگل جي پروڊڪشن هيٺ تيار ۽ نمائش لاءِ پيش ٿيندڙ ھي فلم ھڪ اھڙي برطانوي فوجي آفيسر، آثار قديمہ جي ماهر ۽ ليکڪ ٿامس ايڊورڊ لارينس المعروف ٽيِ ايِ لارينس جي جي جيون چرتر ۽ ان جي پهرين مھاڀاري لڙائي ۽ عرب بغاوت دوران ادا ڪيل ڪردار جي چوڌاري گهمي ٿي. ٽي اي لارينس ھڪ غير معمولي ۽ ذھين شخص ھو. 1888ع ۾، لارينس ويلز جي شهر ٽريماڊوگ ۾ پيدا ٿيو. ھن جو خانداني پسمنظر روايتي نہ هو. هو ھڪ غيرشادي شدھ جوڙي جو اولاد ھو. سماجي صورتحال جي ڦڏن کان محفوظ رھڻ جي لاءِ ھن جي پيدائش کي خفيہ رکيو ويو. انھيءَ سبب ننڍپڻ کان ئي هن کي عام ٻارن جي ڀيٽ ۾، ھڪ الڳ زندگي ملي. جنھن جي ڪري ھن جي شخصيت ۾، تمام گھڻي خوداعتمادي، خاموش بغاوت ۽ روايتي سماجي قدرن کان ھڪ مختلف سوچ نظر اچي ٿي. ٽي اي لارينس کي تاريخ، قديم تهذيبن ۽ آثار قديمہ سان غيرمعمولي دلچسپي هئي. آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران هن وچ اوڀر جي تاريخ ۽ آثار قديمہ ڏانهن خاص توجہ ڏني. هن شام ۽ اتر شام جي قديم ماڳن تي تحقيق ڪئي. پهرين عالمي جنگ کان اڳ وچ اوڀر بابت سندس علم ايترو وسيع ٿي چڪو هو جو برطانوي حڪومت لاءِ هو هڪ عام عالم نہ پر، هڪ قيمتي ماهر بڻجي چڪو ھو. ٽي اي لارينس جي زندگيءَ جو هڪ اهم پاسو ھن جي سفر ۽ مختلف ثقافتن کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ سمجهڻ هو. هو عرب علائقن ۾ رهيو. عربي ٻولي، مقامي رسم رواج، قبيلائي سماج ۽ علائقائي سياست جو مطالعو ڪندو رهيو. انهيءَ واقفيت کيس ٻين ڪيترن برطانوي آفيسرن کان منفرد بڻايو. جڏهن پهرين مھاڀاري لڙائي شروع ٿي ته لارينس برطانوي فوج جي انٽيليجنس سروس سان جڙي ويو ۽ قاھرا ۾ جاسوسي جي اھم ذميوارين کي نڀائيندو رھيو. 1916ع ۾، کيس عربستان موڪليو ويو جتي شريف حسين بن علي جي اڳواڻيءَ ۾، عثماني سلطنت خلاف عرب بغاوت شروع ٿي چڪي هئي پنھنجي غير معمولي ذھانت جي سبب ان جي خوب مدد ڪئي.
لارينس کي شريف حسين جي ذريعي راڻيءَ، فيصل سان رابطا رکڻ ۽ برطانوي فوج ۽ عرب قوتن جي وچ ۾ رابطا ۽ ايڪو قائم ڪرڻ جي ذميواري سونپي وئي. ھن جي فوجي شهرت جو سڀ کان اهم باب: عقبه تي قبضو ڪرڻ واري مهم هئي. 1917ع ۾، عرب قوتن سان گڏ هن اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي. جنهن سان عقبه تي عثماني فوج جي خلاف ڪامياب حملو ڪيو ويو. ان کانپوءِ ريلوي پٽڙين، رستن ۽ عثماني فوج جي رسد تي حملن جي ذريعي گوريلا ويڙھ کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويو. لارينس جو ڪردار روايتي فوجي ڪمانڊر کان مختلف هو. هو عرب لباس پائيندو، قبائلي سردارن سان ويهندو، انهن جي ٻولي ۽ ثقافت کي سمجهندو ۽ ريگستاني جنگ جي حالتن مطابق حڪمت عملي اختيار ڪندو هو. انهيءَ ڪري هو عرب ويڙهاڪن ۾ به مشهور ٿيو ۽ برطانوي فوج ۾ به سندس اهميت وڌندي وئي. 1918ع ۾، عرب ۽ اتحادي فوجون دمشق تائين پهتيون. لارينس جي شهرت ان وقت تائين ايتري وڌي چڪي هئي جو عالمي اخبارن ۽ ڪتابن ۾ سندس نالو “لارينس آف عربيا” جي حيثيت سان مشهور ٿيڻ لڳو. ھن جي زندگيءَ جو سڀ کان پيچيده پهلو ھن جو سياسي ڪردار هو. عربن کي عثماني سلطنت خلاف بغاوت لاءِ متحرڪ ڪرڻ ۾، برطانيا، عرب جي آزاديءَ بابت وڏيون حڪمتون عمليون ترتيب ڏنيون هيون. ساڳيي وقت برطانيا ۽ فرانس، وچ اوڀر جي مستقبل بابت پنهنجا مفاد به طئي ڪري رھيون ھيون. 1916ع جو “سائيڪس- پيڪو معاهدو” برطانيا ۽ فرانس جي وچ ۾، عثماني عرب علائقن کي پنھنجي اثر و رسوخ وارن علائقن ۾ ورهائڻ وارو منصوبو هو. ان معاهدي عرب قومپرستي ۽ عرب آزاديءَ جي اميدن سان هڪ وڏو تضاد پيدا ڪري ڇڏيو. اهڙي صورتحال ۾، لارينس پاڻ به هڪ اندروني ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿي ويو. هڪ طرف هو برطانوي مفادن لاءِ ڪم ڪري رهيو هو، ٻئي طرف عربن سان سندس ذاتي لاڳاپا ۽ انھن کي آزاديءَ ڏيارڻ ۽ متحد رکڻ واريون اميدون هيون ته ٽئين طرف اھو تضاد ھن جي شخصيت ۽ لکڻين جو اهم موضوع بڻجي ويو ھو. لڙائي کانپوءِ لارينس عام فوجي زندگي کان پري ٿيڻ جي ڪوشش به ڪئي. هن مختلف نالن سان فوجي خدمتون انجام ڏنيون.
لارينس کي لکڻ پڙھڻ سان به گهرو لڳاءُ هو. ھن جو سڀ کان وڌيڪ مشهور ڪتاب “سيون پلرز آف وزڊم” آهي جنهن ۾، هن عرب بغاوت دوران پنهنجن تجربن کي بيان ڪيو آھي. ڪتاب 1926ع ۾، شايع ٿيو ۽ سر ونسٽن چرچل به ان کي انگريزي ادب جو اهم خزانو قرار ڏنو. لارينس جي زندگيءَ جو خاتمو به سندس شخصيت وانگر پراسرار انداز ۾ ٿيو. 1935ع ۾، هو موٽر سائيڪل حادثي ۾ سخت زخمي ٿيو ۽ ڪجھ ڏينهن پوءِ فوت ٿي ويو. موت کان 27 سال پوءِ سندس زندگيءَ تي هڪ اهڙي فلم ٺهي، جنهن ھن جي نالي کي دنيا جي فوجي ۽ سياسي زندگي لاءِ سدائين جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو.
“لارينس آف عربيا” رڳو جنگي فلم ناھي. اها ريگستان، انساني طاقت، سازشن، آزادي، وفاداري، سامراج ۽ فوجي ۽ سياسي نفسيات جي هڪ وڏي ڪينواس تي ٺهيل فلم آھي. فلم ۾، پيٽر او ٽول (برطانوي آئرش اداڪار): ٽي اي لارينس جو ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته عمر شريف (مصر جو مشھور اداڪار): شريف علي، اليڪ گينيس: راڻيٓ فيصل، انٿوني ڪوئن: عوده ابوطہ، جئڪ هاڪنس: جنرل ايلنبي ۽ ڪلاڊ رينز: مسٽر ڊرائيڊن جو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان سان تعلق رکندڙ مشھور اداڪار ضياءَ محي الدين پڻ فلم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي. فلم جي سڀ کان وڏي خوبي ان جي منظرنگاري آهي. ريگستان جا وسيع منظر، سج جي روشني، گهوڙن ۽ اُٺن جون ڊگهيون قطارون، جنگ جا منظر ۽ عربي پسمنظر ۾ موسيقي عام تاريخي فلمن کان مٿي کڻي وڃن ٿا. شريف علي جي ڪردار کي ادا ڪرڻ جي لاءِ اڳ ۾، دليپ ڪمار کي آڇ ٿي ھئي پر انڪار سبب ساڳيو ڪردار عمر شريف ادا ڪيو. 1962ع جي ھي فلم اڄ به دنيا جي عظيم فلمن ۾ شمار ٿئي ٿي. ان جا ست آسڪر ايوارڊ ان جي فني عظمت جو ثبوت آهن. فلم جي اصل اهميت ان کان به اڳتي آهي. ھي فلم اسان کي ياد ڏياري ٿي ته، تاريخ صرف فاتحن ۽ شڪست کاڌلن جي ڪهاڻي ناهي؛ تاريخ انهن ماڻهن جي به ڪهاڻي آهي، جيڪي وڏين سياسي طاقتن جي وچ ۾، پنهنجي سڃاڻپ، وفاداري ۽ خوابن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آھن. ٿامس ايڊورڊ لارينس اھڙن ماڻھن منجھان ھڪ آھي. لارينس آف عربيا رڳو هڪ فلم جو نالو ناهي؛ اهو ويهين صديءَ جي وچ اوڀر جي سياست، عرب بغاوت، ترڪن، سلطنتِ عثمانيا، برطانوي سامراج ۽ هڪ غيرمعمولي انسان جي غيرمعمولي زندگيءَ جو اهڙو فلمي استعارو آهي، جيڪو ڇهن ڏهاڪن کان پوءِ به پنهنجي اثر کان خالي ناهي ٿيو. ٽي اي لارينس 7 جنوري 1927ع تي ڪراچيءَ ۾، رائل ايئر فورس جي ڊرگ روڊ تي قائم هڪ ڊپو ۾ ڳجهي جاسوس طور ڪم ڪيو. جڏهن عام ماڻهن کي سندس ڪراچيءَ ۾ موجودگيءَ جي خبر پئي ته 1928ع ۾ کيس وزيرستان، ميرانشاھ منتقل ڪيو ويو. ڪراچيءَ ۾ قيام دوران هن هومر جي مشهور نظم اوڊيسي تي رِويُو لکڻ جو ڪم به ڪيو.