جنگ ماڻهوءَ کان گھڻو ڪجھ کسي ويندي آهي. ويندي ويندي ان جي روح کي به نپوڙي ڇڏيندي آهي، ان جا اثر نفسياتي طور تي زندگي جو ڪجھ حصو کائي ڇڏين ٿا.
جنگ جو سڌو تعلق معيشت سان (ڀلي ٻين جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ڇو نه هجي) آهي. ان کي رومال ۾ ويڙھي ڀوتار ٽرمپ چوي ٿو: اسان رجيم چينج (Regime change) ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. اڄ ايران ۽ آمريڪا- اسرائيل جي جنگ کي 25 ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ انهن ڏينهن ۾ دنيا جي اندر گھڻو ڪجھ تبديل ٿي چڪو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايران کي گھڻو نقصان رسيو آهي پر جنگ آمريڪا، يورپ، خليجي ملڪَن ۽ آس پاس جي علائقن جي معيشت تي وڏا اثر ڇڏيا آهن. دي گارجيئن ( The Guardian) اخبار جي مطابق آمريڪا جنگ ۾ هن وقت تائين 18 بلين ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي (پاڪستان وٽ ڪل اثاثا 22 ملين ارب ڊالر آهن، جنهن ۾ ڪجهه چين، دبئي ۽ سعودي عرب جا آهن). فلپائن بجلي بچائڻ لاءِ هفتي ۾ چار ڏينهن بجلي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. انٽرنيشنل انرجي ايجنسي (IEA) چيو آهي ته ھرمز واري سامونڊي لنگهه جي بند ٿيڻ سان دنيا جي اندر تيل جي تاريخي کوٽ پيدا ٿي آهي، جيڪا اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئي. آمريڪا ۽ يورپ ۾ عام ماڻهن جي زندگي تي وڏو معاشي اثر پيو آهي. ٿائيلينڊ جي معيشت ستر سيڪڙو سياحت تي بيٺل آهي پر اها ھاڻي وڃي ٽيھ سيڪڙي تي بيٺي آهي ۽ ايشيا ۾ ته عام ماڻهوءَ جي زندگي تمام بدتر ٿي چڪي آهي. انڊيا پنهنجو نوي سيڪڙو تيل هرمز رستي گهرائيندو آهي پر ان جي بند ٿيڻ سان انڊيا جي معيشت ويهي وئي آهي. پاڪستان وٽ چون ٿا 18 ڏينهن جو تيل ۽ گئس جو ذخيرو موجود موجود آهي. سريلنڪا ۾ ڪووڊ (Covid19) کان به بدتر حالت ٿي وئي ۽ خليج ملڪن جي ٽيھ سيڪڙو معيشت کي ڌڪ رسيو آهي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته جنگ ته بند ٿي ويندي پر ٻن ڏهاڪن تائين ان جا اثر پوري دنيا کي ڀوڳڻا پئجي سگهن ٿا.
ايران جي جنگي حڪمت عملي ۽ ٽرمپ جا هٿ:
ايران جي جنگي حڪمت عملي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ته ايران پنهنجي ثقافت کي جنگ سان ڳنڍيو آهي ۽ اها ثقافت ئي آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي پنهنجي وطن سان ڳنڍيندي آهي ۽ ايران جي دعوا صحيح آهي. جيسيتائين هن جو عوام رياست سان گڏ بيٺو آهي، پوءِ اها جنگ کٽڻ سولي آهي. ماهر چون ٿا ته فيصلو ايران جي حق ۾ اچي سگهي ٿو.
ھرمز واري سامونڊي لنگهه کي بند ڪرڻ ايران جي پهرين حڪمت عملي آهي. (ماضيءَ ۾ ڪنهن ملڪ جي رسد بند ڪري جنگ کٽي ويندي هئي) يعني دنيا جي اڌ معيشت جو ساھ سندس هٿ ۾ آهي. ٻي حڪمت عملي جنگ کي اينگھائڻ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. ٽئين حڪمت عملي ڪجھ ملڪن جي جھازن کي گذرڻ جي اجازت ڏيڻ آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ايران سفارتڪاري واري مورچي تي مضبوطي سان بيٺو آهي. ٽرمپ جا ٻئي هٿ مٿي تي آھن. جي- سيون (G-7) گروپ جي ملڪن به کيس بائي پاس ڪري ڇڏيو آهي. هر روز آمريڪا جي اندر مظاهرن جو سلسلو وڌندو ٿو وڃي ۽ سندس پارٽي گانگريس (Congress ) به ڪاوڙيل آهي. چين ته کنگھيس ئي نه ٿو ۽ روس اڳ ۾ اعلان ڪيو هو ته ايران کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ڇڏي آهي، خليج ملڪ به مٿس ڪاوڙيل آهن.
ورلڊ آرڊر:
بين الاقوامي قانون تحت مختلف ملڪن ۾ امن ۽ ضابطو قائم ڪرڻ ورلڊ آرڊر جي سڀني اوليتن مان آهي پر ھاڻي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو ھاڻي ڊھڻ جي طرف وڃي رهيو آهي. ھڪ ته چين پنهنجي جڳھ ٺاهي رهيو آهي (سامراجي طور تي دنيا جي وڏي طاقت ٿي اڀري رهيو آهي) ٻئي طرف روس جي طاقت به چين سان گڏ بيٺي آهي. يورپ ڪھڙي طرف ويندو، اهو اڃا بحث هلي پيو ۽ خليجي ملڪ به چين سان بيهندا ۽ آفريڪا جي مارڪيٽ تي چين پنهنجو ڄار وڇائي چڪو آهي. ماهرن موجب، بين الاقوامي ادارا ڪاغذي ادارن کان سواءِ ڪجھه به ناهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ نوان بلاڪ ٺهن.
ميز تي ڳالهيون (Table talks)
الجزيره کي ايران جو پرڏيهي وزيرن عباس عراقچي انٽرويو ڏيندي چوي ٿو ته، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر اسان ڳالھيون تڏهن ڪنداسين، جڏهن سعودي عرب ۽ چين به شامل ٿيندا. ھن ڪجھ شرط پڻ ٻڌايا، سب کان پهريون شرط ته پابنديون ھٽايون وڃن، جيڪو ايران جو جمهوري حق آهي. ٻيون شرط جيڪو به انفراسٽرڪچر آمريڪا تباھ ڪيو آهي، ان جو ازالو ڪيو وڃي. اسين سمجهون ٿا اها ايران جي بهترين حڪمت عملي آهي.