دهشتگردن جي حوالگي: حڪومتي ٽيم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ زمان پارڪ پهچڻ واري

مَي 19, 2023

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جي ٽيم زمان پارڪ ۾ موجود دهشتگرد حوالي ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ سان اڄ منجهند 2 وڳي ڳالهيون ڪندي، حڪومتي ٽيم پي ٽي آءِ قيادت کان مطالبو ڪيو آهي ته زمان پارڪ ۾ موجود دهشتگرد حوالي ڪيا ويا وڃن ٻي صورت زمان پارڪ ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويندو

ٻئي طرف پنجاب سرڪار جو 24 ڪلاڪن وارو الٽيميٽم ختم ٿيڻ بعد زمان پارڪ ۾ ترسيل ماڻهن پاران فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي لاهور پوليس 8 شڪي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ آهي

ايس ايس پي لاهور حسن جاويد چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ ترسيل 8 شڪي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته کين سوگهو ڪيو، ٻيا ماڻهو به فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر ٻاهر پوليس کي ڏسي واپس هليا ويندا آهن

 اطلاع آهن ته زمان پارڪ ۾ اڃا شرپسند موجود آهن، آپريشن جو حتمي فيصلو اعليٰ اختيارين جي حڪم تي ڪيو ويندو.

Leave A Comment