دهشتگردن جي مدد جو الزام: سعودي عرب جو يمن ۾ اماراتي بحري جهازن تي حملو، امارات پاران فوجي يونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان

دهشتگردن جي مدد جو الزام: سعودي عرب جو يمن ۾ اماراتي بحري جهازن تي حملو، امارات پاران فوجي يونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان

رياض/صنعا(م ڊ) سعودي عرب عرب امارات تي يمن ۾ باغين جي مدد ڪرڻ جو الزام هڻندي امارات جي ڪنٽرول واري بندرگاهه تي لنگر لاهيندڙ ٻن بحري جهازن تي حملو ڪيو. حملي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه آهن. سعودي نيوز ايجنسي چيو آهي ته يمن ۾ سعودي جي اڳواڻي ۾ اتحاد هڪ هوائي حملي ۾ هٿيارن ۽ جنگي گاڏين کي نشانو بڻايو آهي جيڪي گڏيل عرب امارات کان ايندڙ جهازن مان لاٿيون پئي ويون. سعودي نيوز ايجنسي دعويٰ ڪئي ته يمن ۾ مڪلا بندرگاهه کي پرڏيهي فوجي امداد ملي ٿي، جنهن جي خلاف محدود هوائي حملا ڪيا ويا. ڪجهه ڏينهن اڳ، سعودي اتحاد ڏکڻ يمن ۾ عليحدگي پسند گروپ کي خبردار ڪيو هو ته هو اوڀر صوبي حضرموت ڏانهن پنهنجي اڳڀرائي کي روڪي. ڏکڻ يمن ۾ عليحدگي پسند تحريڪ متحده عرب امارات جي حمايت يافته ڏکڻ عبوري ڪائونسل (ايس ٽي سي) ۽ سعودي جي حمايت يافته يمني سرڪاري فوجن ۾ ويڙهه ٿي هئي. سعودي قيادت ۾ اتحاد جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته گڏيل عرب امارات جي فجيره بندرگاهه کان ٻه جهاز ڇنڇر ۽ آچر تي بغير اجازت جي مڪلا بندرگاهه ۾ داخل ٿيا، انهن جا ٽريڪنگ سسٽم بند هئا ۽ ايس ٽي سي جي مدد لاءِ وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ جنگي گاڏيون آنديون ويون. سعودي اتحاد چيو ته مڪلا بندرگاهه تي حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. اتحاد جي ترجمان ترڪي المالڪي چيو ته سعودي اتحاد اڱاري جي صبح يمن جي صدارتي قيادت ڪائونسل جي سربراهه رشاد العليمي جي درخواست تي حضرموت ۽ المهره ۾ عام ماڻهن جي حفاظت لاءِ هڪ محدود هوائي حملو ڪيو. سعودي اتحاد وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن به ملڪ کي ڪنهن به يمني گروپ کي فوجي مدد فراهم ڪرڻ کان روڪينداسين. جڏهن ته سعودي بچاءُ وزير خالد بن سلمان ايڪس تي پوسٽ ڪيل هڪ پيغام ۾ چيو ته ايس ٽي سي جي فوجن کي گهرجي ته پنهنجي ڪنٽرول هيٺ ٻنهي صوبن کي پرامن طريقي سان حڪومت جي حوالي ڪن. هوڏانهن يمن جي صدارتي ڪائونسل (پي ايل سي) جي سربراهه رشاد العليمي گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) سان گڏيل دفاعي معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب رشاد العليمي چيو آهي ته يمن ۾ موجود يو اي اي جون سموريون فورسز 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏي وڃن. سندس چوڻ هو ته يمن جي سڀني بندرگاهن ۽ زميني توڙي سامونڊي لنگهن تي 72 ڪلاڪن لاءِ مڪمل هوائي، زميني ۽ بحري ناڪابندي ڪئي پئي وڃي.

ابوظهبي(م ڊ) گڏيل عرب امارتن يمن بابت سعودي عرب جي بيان تي مايوسي جو اظهار ڪندي سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ يمن ۾ پنهنجو يونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گڏيل عرب امارتن طرفان ردعمل ۾ چيو ويو ته سعودي بيان سبب مايوسي ٿي آهي ۽ يمن بابت سمورا الزام رد ڪيا وڃن ٿا. يو اي اي جو چوڻ آهي ته مڪلا بندرگاهه تي لنگرانداز ٿيندڙ جهازن تي هٿيار موجود نه هئا، بندرگاهه تي پهتل جهاز يمني گروپن لاءِ نه پر اماراتي فورسز لاءِ هئا، يمن ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي کي ذميواري سان منهن ڏيڻ گهرجي. يو اي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يمن جي تازي صورتحال کي وڌيڪ نه بگاڙڻ گهرجي، سعودي اتحادي فورسز جو يمن ۾ حملو حيران ڪندڙ آهي. ٻئي طرف عرب امارات يمن ۾ دهستگردي ٽوڙ يونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.