دهشتگردن کي سياسي چونڊ نشان نه ملندو: نواز شريف کي مضبوط حڪومت ڏني وڃي: مريم نواز

جنوري 16, 2024

اوڪاڙا ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف تي ظلم ڪندڙن کان قدرت جو نظام انتقام وٺي رهيو آهي. اوڪاڙا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته دهشتگرد جماعت کي سياسي پارٽي وارو چونڊ نشان نٿو ملي سگھي. فيصلا هاڻي مدر اِن لا کان نه، لا کان ٿيندا.  هاڻي نه سهولت ڪاري رهي آهي، نه سهولت ڪار. هن چيو ته  اڄ هي چون ته اسان کي پيٽرول بم چونڊ نشان طور ڏئي ڇڏيو ته اليڪشن ڪميشن ڏئي ڇڏي؟  مريم نواز وڌيڪ چيو ته نواز شريف تي ظلم ڪندڙ هڪ، هڪ ڪردار پنهنجي انجام تي پهچي رهيو آهي. اوڪاڙا ۾ نون ليگ جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف نه پر قدرت جو نظام ظالمن کان انتقام وٺي رهيو آهي، قدرت پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان بيٽ نه پر اُهو ڏنڊو هو جيڪو هنن هٿ ۾ پڪڙي غريب عوام تي وسايو، ان ئي ڏنڊي سان فوجي ٿاڪن تي حملا ڪيا ويا تنهنڪري هڪ دهشتگرد جماعت کي سياسي جماعت جو نشان نه ٿو ملي سگهي. سندس چوڻ هو ته ظالم کي اڄ منهن لڪائڻو پئجي رهيو آهي، ڪڏهن پلستر چاڙهائي ڪڏهن وهيل چيئر تي ويهي ڊراما ڪندو آهي، ٻين کي چور چور چوڻ واري گهڙي به نه ڇڏي تنهنڪري سندس چونڊ نشان چوري ٿيل گهڙي هئڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جيتري مضبوط حڪومت نواز شريف کي ملندي، ايتريون بهتر سهولتون عوام کي ڏنيون وينديون. هن چيو ته نواز شريف کي هڪ مضبوط حڪومت ڏيڻ گھرجي.  هن چيو ته هنن جي ٺڳي پڪڙجي پئي آهي، جيڪو جيترو ظالم هوندو آهي اوترو ئي بزدل هوندو آهي. ٻين جو احتساب ڪندي هي فرعون ٿي ويا هئا. اڄ انهن جو وارو آيو آهي ته جوتا ڇڏي ڀڄي رهيا آهن.  مريم نواز موجب ماڻهن کي چور چور چوڻ واري پاڻ گھڙيون چوري ڪيون. نواز شريف جو امپائر هي عوام آهي. نوازشريف ۽ عوام ظلم ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏيندا.

Leave A Comment