“دهشتگردي بند ناهي ٿي رهي”حڪومت طرفان افغانستان ۾ رمضان کان اڳ ڪارروائي جو اشارو

“دهشتگردي بند ناهي ٿي رهي”حڪومت طرفان افغانستان ۾ رمضان کان اڳ ڪارروائي جو اشارو

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير رمضان کان اڳ افغانستان ۾ ڪارروائي جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جو سلسلو افغانستان مان ناهي رُڪي سگهيو، جيڪڏهن هو صرف تماشائي آهي ته شريڪ جرم آهي، خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪارروائي بابت قطعي وقت نٿا ٻڌائي سگهون، پر اهو ئي چوندس ته جيترو جلدي ٿي سگهي ريسپانس ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ٿرڊ پارٽيون ڳالهيون ڪري رهيون آهن ان کي به احساس ٿيندو، دير جو نقصان پاڪستان کي ٿي رهيو آهي، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر ائين نٿو ٿي سگهي ته ٻئي ڏينهن انهن جا ماڻهو پاڪستان ۾ حملو ڪري ڇڏين، هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته افغان طالبان عبوري حڪومت سان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان رابطو برقرار رهي ٿو. ڪا به تجويز ناهيون ڏئي رهيا، اسان چاهيون ٿا ته خطي ۾ امن ٿئي ته سمورا ملڪ افعانستانستان جي گارنٽي ڏين ته مالي امداد جو آپشن به طئي ٿي سگهي ٿو. ملڪي صورتحال ۾ فوج سولين حڪومت کي سپورٽ ڪري رهي آهي ته منهنجو خيال آهي ته اهو حڪومت جو حصو آهي، دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون،