دهشتگردي جلد ختم ٿي ويندي، مهانگائي وڌندي: پير پاڳارو

ڊسمبر 10, 2024

عمرڪوٽ/ڍورونارو/نيوڇور/ڇور(نمائندن وٽان) حُرن جو روحاني پيشوا پير پاڳارو عمرڪوٽ، ڍورونارو، نيو ڇور ۽ ڇور پھتو، پير پاڳاري جي زيارت لاءِ ڀارت جي شهر جيسلمير سميت ٻين شهرن کان به حُر پهتل، اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم، اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي ۽ هندو پنچائت جي اڳواڻن جي ملاقات، اڄ صبح جو 10 وڳي مريدن کي ديدار ڪرائڻ بعد خطاب ڪري دعائون گهرندو خبر موجب حُرن جو روحاني پيشوا پير پاڳارو گذريل ڏينهن کپرو ۽ عمرڪوٽ ضلع جي مختلف شهرن ڍورونارو، نيو ڇور ۽ ڇور قافلن جي صورت ۾ پهتو، پير پاڳاري فقير جادم منڱريو، مگھن منڱريو ۽ ڀٽي برادري سميت حر جماعت جي چانھه پارٽي ۾ پهچي مريدن کي ديدار ڪرائڻ ۽ ڍورونارو ۾ الدين پيٽرول پمپ جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ رات جي وقت ڍورونارو ويجھو ڳوٺ لعل محمد سچل منڱريو پهتو، جتي پير پاڳاري جي روحاني ديدار جي اوسيئڙي ۾ گذريل ڏينهن کان لکين مريد ۽ عقيدتمند پھتل آهن، پير پاڳاري صبح 9 وڳي ڌاري لکين حر جماعت جي مريدن ۽ عقيدتمندن کي روحاني ديدار ڪرايو ۽ خطاب ڪندي دعائون ڏنيون، پير پاڳاري پنهنجي روحاني خطاب ۾ چيو ته توهان کي هدايت ڪيان ٿو ته پنهنجي نياڻين تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيو، نياڻين کي سٺي تعليم ڏياريو، انھن جو خيال رکو، نياڻين کي پنھنجون نياڻيون سمجھو ۽ پنهنجي پٽن جي اولاد تي به ڪنٽرول ڪيو، متان ھو ڪنھن غلط صحبت ۾ نه اچي وڃن، انڪري انهن جي سٺي تربيت ڪريو، پاڙي وارن جو ھميشه خيال رکو، اوهان کي ڏکئي وقت ۾ پنهنجي عزيزن کان وڌيڪ پاڙي وارا ئي ڪم ايندا آهن، پير پاڳاري چيو ته فوج اسان جي آھي ۽ اسان فوج جا آھيون، نھي موقعي تي پير پاڳاري پنھنجي روحاني خطاب ۾ چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري فصلن مان سٺي اپت نه ٿي ملي، ان ڪري جيترو ٿي سگھي چوپايو مال ڌاريو، مال مان اوهان زمينداري کان وڌيڪ منافعو ڪمائي سگھو ٿا ۽ پنهنجي گھرن ۽ اوطاقن اڳيان وڌ کان وڌ وڻ پوکيو، جئين موسمياتي تبديلي کي منهن ڏئي سگهجي، موسمياتي تبديلي سبب ڊسمبر ۾ به سردي نه پئي آهي، پير پاڳارو ڳوٺ لعل محمد سچل مڱريو مان دعوت  بعد ڍورونارو، عمرڪوٽ، نيو ڇور، ڇور ۽ ٻين شهرن ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن جي رکيل چانهه پارٽين ۾ شرڪت ڪندو، اڄ ڇور ٽيڀري ۾ چيف خليفو قادر بخش منڱريو جي دعوت ۾ پير پاڳارو پهچندو، جتي صبح جو 10 وڳي لکين مريدن ۽ عقيدتمندن کي ديدار ڪرائي دعا ڏيندو، جنهن بعد اڳتي ٿر جي سفر لاءِ نڪرندو،  ٻئي طرف پير پاڳاري سان اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي ۽ ھندو پنچائت اڳواڻن ديوان چوئٿ رام جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم به پيرپاڳاري سان ملاقات ڪري سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هوڏانهن  حُرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري نيوڇور لڳ چيف خليفو فقير قادربخش منگريو جي پڪي دعوت تي ڳوٺ شھيد فقير امين منگريو پھتو، حُر جماعت جي چونڪي جيسلمير سڀ کان وڏي ۽ تاريخي چونڪي مشھور آھي، جتي زيارت لاءِ پرڏيهه مان خاص طور جيسلمير ڀارت مان به وڏي تعداد ۾ مريد پھتل آھن.

Leave A Comment