| دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: وزيراعظم |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ نئين مقرر آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽم ڪين وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم 14 ڊسمبر 2025 تي سڊني جي بونڊائي بيچ تي دهشتگردن جي فائرنگ سبب معصوم جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي هن بزدلاڻي ڪارروائي جي مذمت ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو ڪو به مذهب ناهي ۽ ان جي هر شڪل ۽ صورت ۾ مذمت ٿيڻ گهرجي، هن لعنت جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ٻئي طرف وزيراعظم سان تاجڪستان جي ثقافت واري وزير ستاريون متلوبخون امان زاده وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزير وفاقي وزير اورنگزيب ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ موجود گهرا تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي لاڳاپن جي پس منظر ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل تاجڪ وزير ۽ اُن وفد جو استقبال ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جو گڏيل ورثو عوامي رابطن ۽ ثقافتي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو. ملاقات دوران وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن ۾ جاري مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ثقافت جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي لاءِ تاجڪستان سان واپار، رابطن، توانائي ۽ ثقافت سميت گهڻ رخي سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. تاجڪستان جي ثقافت واري وزير پاڪستان جي مهمان نوازي ۽ ثقافت کي ساراهيو. تاجڪ صدر امام علي رحمان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ ۾ اهو طئي ٿيو هو ته پاڪستان ۾ تاجڪستان جو ثقافتي هفتو ملهايو ويندو. انهيءَ ئي پس منظر ۾ تاجڪستان جي ثقافت واري وزير پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي.