| دهشتگردي خاتمي بعد باقي قلم ضمانت جوڳا آهن: جوڊيشل مئجسٽريٽ |
ڪراچي: جوڊيشل مئجسٽريٽ سجاد علي جمالي شاهراهِ فيصل وٽ ايڪتا ريلي کي روڪڻ ۽ 12 ڪارڪن جي گرفتاري وارو ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران عدالت ٻڌايو ته دهشتگردي جا قلم اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪا آهن، جڏهن ته باقي لڳايل قلم ضمانت جوڳا آهن، تنهنڪري وڪيل صفائي کي هدايت ڪئي وئي ته هو قلم 324 ( قتل جي ڪوشش) بابت عدالت کي مطمئن ڪن، وڪيل صفائي موقف اختيار ڪيو ته واقعي ۾ نه ڪو شخص زخمي ٿيو آهي ۽ نه ئي هٿيار جي ڪا برآمدگي ٿي آهي، جنهن تي جاچ آفيسر عدالت ۾ چيو ته ايف آءِ آر رات دير سان داخل ٿي آهي، شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻا آهن، تنهنڪري ريمانڊ ڏيڻ ضروري آهي، عدالت گرفتار 12 ڪارڪنن کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو, جوابدارن کي اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو .