دهشتگردي خلاف جنگ اڄ به جاري آهي، پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ ۾ پاڙيسري ملڪن جو هٿ آهي: وزيراعظم

دهشتگردي خلاف جنگ اڄ به جاري آهي، پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ ۾ پاڙيسري ملڪن جو هٿ آهي: وزيراعظم

ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ ۾ پاڙيسري ملڪن جو هٿ آهي، خارجين کي پاڙيسري ملڪ کان سپورٽ ملي رهي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ اڄ به جاري آهي، وزيراعظم شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته خيبر پختونخواه جيان بلوچستان ۾ به دهشتگردي ڏُکيائيو پيدا ڪيون، پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ ۾ پاڙيسري ملڪن جو هٿ آهي، اسان جي فوج ۽ سڪيورٽي ادارا دهشتگردي کي چٿي رهيا آهن، پاڪستان جو امن تباهه ڪندڙن کي مئي ۾ وڏو جواب ملي چڪو آهي. فيلڊ مارشل دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوج جي قيادت ڪري رهيو آهي، صلاح مشوري ۽ ڀائيچاري سان اڳتي وڌنداسين، دهشتگردي جي خاتمي تائين سُک سان نه ويهنداسين، حق جي معرڪي ۾ دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو جو سدائين ياد رکندو، شهباز شريف چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان لاءِ پنجاب پنهنجي حصي مان 11 ارب روپيا ڏنا، ان وقت جي بلوچستان جي وزيراعليٰ  اسلم رئيساڻي اين ايف سي ۾ 199 سيڪڙو اضافي جو مطالبو ڪيو هو جنهن تي پنجاب ان کي ليڊ ڪيو ۽ پنهنجي حصي مان 11 ارب رپيا بلوچستان کي ڏئي ٿو. نواز شريف بلوچستان جي ترقي ۾ جيتري دلچسپي ورتي، شايد ئي ڪنهن ٻئي ليڊر ائين ڪيو هجي.بلوچستان کي دريش مسئلن جي حل، ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته بلوچستان حڪومت پاران صوبي ۾ ترقي کي هٿي ڏيڻ، امن امان قائم ڪرڻ، سياسي هم آهنگي جي استحڪام ۽  وزيراعظم ڪمپلينٽ سيل تي دآيل شڪايتن جي اثرائتي ازالي لاءِ سٺا قدم کنيا ويا آهن. وزيراعظم چيوته  بلوچستان ۾ دانش اسڪول ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، جن سان ٻارن کي تعليم ملندي. بعد ۾ وزيراعظم ڪراچي کان چمن تائين روڊ جي پيڙهه جو پٿر رکيو، تقريب کي خطاب ڪندي وزراعظم چيوته روڊ جي تعمير ۾ معيار تي ڪا سوديبازي نه ڪئي وڃي ۽ مقرر وقت ڊسمبر 2027ع کان اڳ ان کي مڪمل ڪيووڃي.