دهشتگردي خلاف هر آپشن استعمال ڪرڻ جو فيصلو: عمران آپريشن جا ثمر ضايع ڪيا، فوج ڪيستائين قرباني ڏيندي؟ سياسي ۽ فوجي قيادت
مارچ 19, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران خوارجين سوڌو دهشتگردن کي چِٿڻ جو فيصلو، نيشنل ايڪشن پلان ۽ عزمِ استحڪام واري حڪمت عملي تي فوري عمل تي زور، قومي سلامتي اجلاس ۾ چيو ويو ته دهشتگردي خلاف قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. تفصيل موجب قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي جو انِ ڪئميرا اجلاس ٿيو، اِن ڪئميرا اجلاس ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن بابت بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير به ڪاميٽي کي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ايم آءِ سوڌو پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ف، متحده پاڪستان، ڪي پي سوڌو چئني وڏن وزيرن ۽ گورنرز شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ پڌرائي پڙهي ٻڌائي، دهشتگردي جي حمايت ڪندڙ ڪنهن به ٽولي خلاف ڪارروائي جو عزم ڪيو ويو، نيشنل ايڪشن پلان ۽ عزمِ استحڪام واري حڪمت عملي تي فوري عمل تي زور ڏنو ويو، پڌرائي ۾ چيو ويو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت دهشتگردي کي چِٿڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، دهشتگردن جا سهولتڪار ختم ڪرڻ لاءِ منظم حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، ڪاميٽي پاران سوشل ميڊيا تي دهشتگردي جو بيانيو وڌائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي، اجلاس ۾ چيو ويو ته ادارن کي قانون لاڳو ڪرڻ ۽ قومي سلامتي جي معاملن ۾ مڪمل آزادي هجڻ گهرجي، پڌرائي ۾ چيو ويو ته ڪاميٽي دهشتگردن جي ڊجيٽل نيٽ ورڪس بابت طريقيڪار واضح ڪري، اهو عزم ڪيو ويو ته دشمن قوتن جي ملي ڀڳت سان ڪم ڪندڙ ڪنهن به اداري، فرد يا گروهه کي پاڪستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پڌرائي موجب ڪاميٽي رياست جي پوري طاقت سان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ ۽ متفقه سياسي عزم تي زور ڏيندي دهشتگردي خلاف قومي اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو. قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اپوزيشن جي عدم شرڪت غير سنجيده عمل قرار ڏنو ويو، وزيراعظم شهباز شريف افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اپوزيشن جي عدم شرڪت قومي ذميوارين کان ڀڄڻ برابر آهي، سڀني کي متحد ٿي دهشتگردي خلاف اڳتي وڌڻو آهي، وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ قائم ٿيل نااهل حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ مان مليل ثمر ضايع ڪيو، نيشنل ايڪشن پلان تي عمل روڪڻ جو نتيجو اڄ قوم ڀوڳي رهي آهي، پاڪستان فيصلائتي دڳ تي بيٺو آهي، اهو سوال ڪرڻ ضروري آهي ته ڪير ڪنهن سان گڏ بيٺو آهي، فيصلائتي وقت ۾ جيڪو ملڪ، قوم، فوج، شهيدن ۽ غازين سان گڏ ناهي اهو دهشتگردن جو ساٿي ۽ اتحادي آهي، فوج ۽ ادارا ملڪ دشمنن جي ارادن کي ناڪام بڻائي رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته سوشل ميڊيا تي نفرت آميز پروپيگنڊا ذريعي فوج ۽ عوام ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. فوج ۽ عوام هڪ آهن، انهن وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي سازش نه اڳ ڪامياب ٿي ۽ نه ئي مستقبل ۾ ٿيندي، اهڙن شرپسند عنصرن جون ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون. بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته اپوزيشن کي گهٽ ۾ گهٽ اڄوڪي اجلاس ۾ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها، اسپيڪر اياز صادق چيو ته اپوزيشن اڄ به قوم کي مايوس ڪيو، اپوزيشن جو رويو پارلياماني روايتن جي اُبتڙ آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسان کي بهتر گورننس ۽ ملڪ کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڪيستائين سافٽ اسٽيٽ جيان جانيون قربان ڪندا رهنداسين، اسان گورننس جي خلا کي ڪيستائين فوج ۽ شهيدن جي رت سان ڀرينداسين؟، آرمي چيف چيو آهي ته پائيدار استحڪام لاءِ سڀني کي گڏجي قومي سگهه سان ڪم ڪرڻو پوندو، ڪابه ايجنڊا، شخصيت ۽ ڪابه تحريڪ ملڪي سلامتي کان وڏي نه آهي، سياسي ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي ملڪي تحفظ لاءِ هڪ زبان ٿيڻو پوندو، هي ملڪ آهي ته اسان آهيون، اُنڪري ملڪي سلامتي کان وڏي ڪابه شيءِ نه آهي، دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي به ناڪام بڻائنداسين، اسان الله تعاليٰ تي ڀروسو آهي ڪجهه به ٿي پوي اسان ڪامياب ٿينداسين، آرمي چيف چيو ته عالمن کي درخواست آهي ته اهي خوارجين طرفان اسلام جي مسخ شده تشريح کي پڌرو ڪن.