دهشتگردي روڪڻ واري خاطري تائين افغانستان سان واپار نه ٿيندو: پاڪستان

دهشتگردي روڪڻ واري خاطري تائين افغانستان سان واپار نه ٿيندو: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت چيو آهي ته افغانستان سان سرحد صرف انساني امدادي ڪارروائين لاءِ کولي آهي، دهشتگردي روڪٿام جي پڪي خاطري تائين واپاري ۽ راهداري جي لاءِ سرحد بند رهندي. هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان پرڏيهي وزارت طاهر انداربي چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستان افغانستان ڳالهين بابت ميڊيا رپورٽس ڏسو، مون وٽ اِن حوالي سان ڪا نئين معلومات ناهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ترڪيءَ جي صدر جي ثالثي واري آڇ جي آجيان ڪري ٿو، ڀارت ۽ افغانستان جو سفارتي ۽ تجارتي لاڳاپو اعتراض جوڳي ڳالهه ناهي.