دهشتگردي چٿڻي پوندي، فيصلو ڪريو لانگ مارچ ڪرڻو آهي يا ترقي؟ (وزيراعظم) فوج کي ڪم کان روڪيندڙن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا: آرمي چيف

نومبر 20, 2024

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس، دهشتگردي جي خاتمي جو عزم، بلوچستان ۾ دهشتگرد تنظيمن خلاف آپريشن جي منظوري، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پهريان دهشتگردي کي چٿڻو پوندو پوءِ ٻيو ڪم، فيصلو ڪريو لانگ مارچ يا ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي؟ معاشي ترقي دهشتگردي جي خاتمي، سياسي اتحاد سان مشروط آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته فورسز روز شهادتون ڏئي گورننس جون خاميون پوريون ڪري رهيون آهن، فوج کي ڪم کان روڪيندڙن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. تفصيل موجب نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور سوڌو چئني صوبن جي وڏن وزيرن، وفاقي وزيرن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن خلاف آپريشن جي منظوري ڏني وئي. نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) کي ٻيهر فعال ڪرڻ، قومي ۽ صوبائي انٽيليجنس تعاون ۽ خطري جي تشخيص جا مرڪز قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردي خلاف مهم بابت وفاقي حڪومت جي هدايتن تي عمل لاءِ صوبائي ايپڪس ڪاميٽين جي نگراني ۾ ضلعي رابطا ڪاميٽيون قائم ڪيون وينديون. پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته اجلاس ۾  شرڪت ڪندڙن کي سيڪيورٽي جي بدلجندڙ منظرنامي ۽ دهشتگردي جي روڪٿام  لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۽ ٻين چئلينجن سوڌو، امن امان جي مجموعي صورتحال، ذيلي قومپرستي، مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن خلاف، ڏوهن، دهشتگردي ۽ ٻين مسئلن کان علاوه بغاوت ۽ غلط معلوماتي مهم  متعلق بريفنگ ڏني وئي، پڌرائي موجب ايپڪس ڪاميٽي گهڻ رخي چئلينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ هڪ متحد سياسي آواز ۽ هڪ مربوط قومي ردعمل جي ضرورت کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو  ته سياسي حمايت ۽ مڪمل قومي اتفاق راءِ، عزم ۽ استحڪام جي فريم ورڪ تحت قومي دهشتگردي خلاف مهم کي ٻيهر متحرڪ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي.  نيڪٽا کي بحال ڪرڻ ۽ نيشنل ۽ صوبائي انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽر قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن جن ۾ مجيد برگيڊ، بي ايل اي، بي ايل ايف ۽ بي آر اي ايس ۽ ٻين عسڪريت پسندن تنظيمن جي خلاف هڪ جامع فوجي آپريشن جي منظوري ڏني وئي.  ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڀ کان پهريان دهشتگردي کي چٿڻو پوندو ان کانپوءِ ٻيو ڪم ٿيندو، ان کانسواءِ ڪو به رستو ناهي، معاشي ترقي، قومي يڪجهتي، سياسي اتحاد سڀ دهشتگردي جي خاتمي سان جڙيل آهن، ملڪ جي سربراهه طور منهنجي ۽ بطور فوجي سربراهه آرمي چيف عاصم منير وٽ سڀ کان پهريان دهشتگردي کي چٿڻ کانسواءِ ٻي ڪا چوائس ناهي، وزيراعظم چيو ته معيشت آهستي آهستي استحڪام ڏانهن وڌي رهي آهي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياسي ۽ معاشي استحڪام ضروري آهي سڀني کي ان لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو آهي پر اهم موقعي تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو آهي، ڇا ملڪ هن وقت ڌرڻن، جلوسن ۽ لانگ مارچ کي برداشت ڪري سگهي ٿو، سڀني گڏجي ويهي ملڪ جي خوشحالي لاءِ فيصلا ڪرڻا پوندا، سوچڻو پوندو ته ڌرڻو هڻڻو آهي يا ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي هن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ ڏاکڻي ضلعن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو بدترين درندگي آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير ايپڪس ڪاميٽي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪو به پاڪستان جي سيڪيورٽي ۾ رنڊڪ بڻجندو، فوج کي ڪم کان روڪيندو ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي دهشتگردي جي ناسور سان وڙهڻو آهي، اسان سڀني لاءِ آئين پاڪستان مٿي آهي، آئين اسان تي پاڪستان جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي جي ذميواري لاڳو ڪري ٿو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر پاڪستاني سپاهي آهي هن جنگ ۾ ڪوئي يونيفارم ۾ آهي ته ڪوئي يونيفارم کان بغير آهي، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گورننس ۾ موجود خامين کي روزاني پنهنجي شهيدن جي قرباني ڏئي پورو ڪري رهيا آهن.

ٽيڪس چوري ۽ ذخيري ۾ ملوث شگر ملز مالڪن خلاف ڪارروائي جو حڪم، آءِ بي کي به اختيار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف شگر ملز ۽ ڪمند ڊيلرز بابت وڏو فيصلو ڪري ورتو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايف بي آر، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي کي هدايت  ڪئي وئي آهي ته کنڊ جي وڪرو تي ٽيڪس چوري، غير دستاويزي وڪرو ۽ قيمتن ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ گڏيل ڪارروائي ڪئي وڃي. وزير اعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ايف بي آر، آءِ بي ۽ ايف آءِ اي کنڊ جي شعبي ۾ سيلز ٽيڪس چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻائين، وزيراعظم پاران شگر ملز ۾ ڪئميرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن کنڊ جو ذخيرو نه ڪيو وڃي ۽ قيمتون متوازن رهن. ٽيڪس چوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته شگر ملز جي پيداواري عمل ۽ اسٽاڪنگ کي ڪيمرائن ذريعي مانيٽر ڪيو ويندو، سيلز ٽيڪس جي ادائيگي کي يقيني بڻايو ويندو. وزير اعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته کنڊ جي اگهن ۾ واڌ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، شگر مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزير اعظم هدايت ڪئي ته اسٽيل، سگريٽ، سيمنٽ، مشروبات سميت ٻين شعبن ۾ به اهڙا قدم کنيا وڃن.

ڪلو وزني هٿيار کڻندڙ جديد ڊرون شاهپر 3 متعارف

ڪراچي:آئيڊيا  نمائش ۾ ملڪ ۾ تيار ڪيل دفاعي مصنوعات پيش، نمائش ۾ پاڪستان پاران تيار ڪيل جديد  ويڙهاڪ ڊرون  شاهپر ٿري به متعارف ڪرايو ويندو، 1650 ڪلو وزني هٿيار کڻي سگهندڙ  ڊرون  30 ڪلاڪن تائين لڳا تار اڏام ڪري سگهندو،  ڊرون ۾ ايونڪس ۽ جديد فلائٽ ڪنٽرول سسٽم لڳل آهن، واضح رهي ته شاهپر  ڊرون ون ۽ ٽو اڳ ۾ اچي چڪا آهن.

آئيڊياز 2024ع شروع: 55 ملڪن جا 330 وفد پهتل

ڪراچي: ڪراچي ۾ 4 ڏينهن واري عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع شروع، گورنر ڪامران ٽسوري، وزير دفاع خواجا آصف ۽ واپار واري وزير ڄام ڪمال افتتاح ڪيو، وفاقي وزيرن ۽ گورنر نمائش ۾ لڳايل  مخلتف پويلينن جو دورو ڪيو، 22 نومبر تائين جاري نمائش ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ بحرين سميت 55 ملڪن جا 330 وفد شريڪ ٿي رهيا آهن، هوڏانهن  ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير دفاع خواجا آصف چيو ته معيشت سٺي رخ ۾ هلي رهي آهي پاڪستان دنيا ۾ امن لاءِ منفرد ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا.

آئيڊياز سبب ڪراچي ۾4 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ٿيل * ڀرپاسي جا اسڪول به بند

ڪراچي: آئيڊياز نمائش سبب ڪراچي ۾4 ڏينهنلاءِ قلم 144 لاڳو ٿيل آهي، شهر ۾ 4 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي، هوڏانهن شاهراهه فيصل، ڪارساز  ۽ ايڪسپو سينٽر واري روٽ  تي ايندڙ تعليمي ادارا به 4 ڏينهن بند رهندا.

حڪومت دهشتگردي کي ڇڏي پي ٽي آءِ پويان پئجي وئي: شبلي فراز

پشاور(م ڊ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي ۽ مهانگائي کي ڇڏي پي ٽي آءِ جي پٺيان لڳل آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته پي ٽي آءِ  کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ هر شخص جي زندگي کي مشڪل بڻايو ويو آهي، هي چاهين ٿا ته اسان سمورن معاملن تان پوئتي هٽي گهر ويهي رهون. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني گذريل سوا سال کان جيل ۾ آهي، عمران خان تي سمورا هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هڪ وقت هو جڏهن دهشتگرد جو ڪيس هلندو هو ته سڀ گهبرائجي ويندا هئا، پوري ملڪ ۾ هاڻ دهشتگردي جا ڪيس پي ٽي آءِ تي داخل ڪيا ويا آهن. هنن اصل دهشتگردن ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ فرق ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي

وزيراعظم پاران پوليو خاتمي ۾ مراد شاهه ۽ زراعت ۾ مريم نواز جي ساراهه

اسلام آباد: نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم پوليو جي شعبي ۾ کنيل قدمن تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ پنجاب ۾ زرعي شعبي ۾ کنيل قدمن تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي تعريف ڪئي. هن چيو ته محنت سان اسان آسمان جي بلندين کي ڇهي سگهون ٿا، اسان کي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، جيڪڏهن گڏجي ڪم ڪنداسين ته دنيا جي ڪا به خراب نظر اسان کي ڏسي نه سگهدي ۽ جيڪڏهن ڏسندي ته پيرن هيٺيان اچي ويندي.  وزيراعظم ملڪ جي معاشي استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي صوبن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته صوبن انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام جي منظوري حاصل ڪرڻ ۾ وفاق سان ڀرپور تعاون ڪيو، هن چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف جو پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو، پر اهو چوڻ سان نه پر محنت، ايمانداري ذريعي پورو ٿيندو، ان لاءِ چئني صوبن ۽ وفاق کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

گنڊاپور پاران ايپڪس ڪاميٽي ۾ عمران ۽ احتجاج جو ذڪر

اسلام آباد (م ڊ) نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سول ۽ عسڪري قيادت شريڪ ٿي، ان اجلاس بابت وزير دفاع خواجه آصف چيو آهي ته ايپڪس ڪاميٽي اجلاس ۾ علي امين گنڊاپور عمران ۽ احتجاج بابت هلڪي ڦلڪي ڳالهه ڪئي، گنڊاپور چيو ته اسان جي پارٽي کي احتجاج ۽ جلسي جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، گنڊاپور چيو ته منهنجو ليڊر سوا سال کان قيد آهي، هن جو ڪو به گناهه ناهي، اهي ٻه ٽئي ڳالهيون ڪيون پر 99سيڪڙو ڳالهيون پنهنجي صوبي ڪي پي ۾ دهشتگردي بابت ڪيون باقي عمران ۽ احتجاج جون تبرڪن ڳالهيون ڪيون.

Leave A Comment