دهشتگردي ڪنٽرول ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، عدالت جو ناهي: آئيني بينچ

اپريل 8, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلنز جي ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس مندوخيل رمارڪس ڏنا ته دهشتگردي کي ڪنٽرول ڪرڻ پارليمان جو ڪم آهي. عدالت جو ناهي ۽ جيڪڏهن عدالت اهو سوچڻ لڳي ته فيصلي سان دهشتگردي وڌندي يا گهٽ ٿيندي ته هو فيصلو نٿي ڪري سگهي. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني بينچ ڪئي. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث جواب الجواب ۾ دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو سويلين فوجي ملڪيت کي نقصان پهچائي يا ٽينڪ چوري ڪري ته ان تي آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو آهي. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ايف آءِ آر ڪيئن ڪاٽي ويندي. جاچ ڪير ڪندو؟ ۽ ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟. خواجه حارث چيو قانون ساز اهو فيصلو ڪندا ته ٽرائل جي جڳهه ڪهڙي هوندي. آرمي ايڪٽ تحت آرمڊ فورسز پاڻ به سويلين کي گرفتار ڪري سگهي ٿي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته گرفتاري متعلق پهريان ايف آءِ آر جو هجڻ ضروري آهي. جڏهن ته جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته گرفتاري بعد جوابدار کي مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪرڻو هوندو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آرمي ايڪٽ جي شق ڊي ٽو تحت فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد ئي ڪنهن کي جوابدار قرار ڏئي سگهجي ٿو. خواجه حارث چيو ته آئين پاڪستان ڪورٽ مارشل لاءِ يونيڪ اختيار ٻڌڻي ڏنو آهي ۽ فوجي عدالتون عام عدالتن جي دائره اختيار ۾ نٿون اچن. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو  ته جيڪڏهن هي عدالتون آرٽيڪل 175 تحت ناهن اينديون ته پوءِ ڪهڙي شق تحت اينديون آهن؟ دليل ۾ خواجه حارث چيو ڪورٽ مارشلا جي حوالي سان ماضي ۾ ڪيل عدالتي فيصلا موجود آهن، جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته عدالتن کي رڳو اهو ڏسڻو هوندو آهي ته ٽرائل آئين جي موجب آهي يا نه ؟. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اڱاري ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي، وزارت دفاع جو وڪيل خواجه حارث اڄ به دليل جاري رکندو.

 

Leave A Comment