| دهشتگرد اسان کي درگاهن کان پري رکڻ چاهين ٿا: شيعا علماءِ ڪائونسل |
مٽياري/ڀٽ شاهه (رپورٽر+ ن پ ا) شھداءَ سيوھڻ شريف جي ورسي جي حوالي سان شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان صوبه سنڌ جي صدر ڊاڪٽر علامه سيد اقبال زيدي ڀٽ شاه پهچي حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي درگاهه تي حاضري ڏني. ان موقعي تي شيعه علماءِ ڪائونسل ضلع مٽياري جي صدر مولانا جواد هادي پنهنجي ٽيم سان گڏ ڊاڪٽر علامه سيد اقبال زيدي جو ڀرپور استقبال ڪيو، دوري دوران ڀٽائي سرڪارؒ جي مزار تي چادر چاڙهي وئي ۽ ملڪ، سنڌ ۽ امتِ مسلمه جي امن، سلامتي ۽ اتحاد لاءِ دعا گهري وئي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيعه علماءِ ڪائونسل سنڌ جي صدر چيو ته شھداءَ سيوھڻ شريف جي ورسي ملهائڻ جو سلسلو ڀٽ شاه کان شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 25 جنوري تي سيوھڻ شريف ۾ سونهري دروازي آڏو شھداءَ جي ورسي ملهائي ويندي. ڊاڪٽر علامه سيد اقبال زيدي چيو ته دهشتگرد عنصر اسان کي درگاهن کان پري رکڻ چاهين ٿا، پر درگاهون امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏين ٿيون هن وڌيڪ چيو ته حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيؒ ۽ ٻين صوفي بزرگن جو پيغام امن، رواداري ۽ انسانيت آهي. شيعه علماءِ ڪائونسل اهو ئي پيغام کڻي سڄي سنڌ ۾ نڪري رهي آهي. هن چيو ته انشاءَالله دهشتگردي ۽ نفرت جي سوچ کي شڪست ملندي ۽ سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچارو وڌيڪ مضبوط ٿيندو آخر ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل ضلع مٽياري جي اڳواڻن به شھداءَ سيوھڻ جي ورسي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي.