دهشتگرد افغانستان مان آپريٽ ڪري رهيا آهن، عبوري حڪومت کين لغام ڏئي، سٺو پاڙيسري يا تڪرار؟ هڪ جي چونڊ ڪئي وڃي: شهباز
اپريل 14, 2025
لنڊن(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد افغانستان مان آپريٽ ڪري رهيا آهن، عبوري حڪومت کين لغام ڏئي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغان عبوري سرڪار کي کوڙ ڀيرا چيو اٿئون ته دوحه معاهدي تي عمل ڪرايو ۽ دهشتگردن کي افغان سرزمين استعمال ڪرڻ نه ڏيو، دهشتگرد ڪيترن ئي پاڪستانين کي شهيد ڪري چُڪا آهن پر سندن قربانيون ضايع نه ٿينديون، لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ معدنيات جا تمام گهڻا ذخيرا آهن، معدنيات ۽ زرعي مشينري لاءِ بيلاروس جي ڪمپنين سان جوائنٽ وينچر ڪيو ويندو، بيلاروس ياترا دوران ڏيڍ لک پاڪستانين کي بيلاروس ۾ روزگار ڏيڻ بابت يادداشتنامي تي صحيون ٿيون، وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان پاڙيسري تبديل نٿا ڪري سگهون پر اهو ان تي ٿو ڀاڙي ته اسان کي سٺي پاڙيسري جيان رهڻو آهي يا تڪرارن ۾ رهڻو آهي.سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي ليڊرشپ ۾ پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، خوشحال پاڪستان اسان جي منزل آهي