دهلي ڌماڪي بعد اسرائيلي وزيراعظم جو ڀارتي دورو ملتوي

دهلي ڌماڪي بعد اسرائيلي وزيراعظم جو ڀارتي دورو ملتوي

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سيڪيورٽي خدشن سبب پنهنجو ڀارت جو دورو رد ڪري ڇڏيو. اسرائيلي ميڊيا موجب ڪجهه ڏينهن اڳ نئين دهلي ۾ ٿيل بم ڌماڪي کانپوءِ نيتن ياهو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ڀارت جو دورو ملتوي ڪيو. اسرائيلي وزيراعظم کي هلندڙ سال جي آخر ۾ ڀارت جو دورو ڪرڻو هو، جنهن دوران سندس ڀارتي هم منصب نريندر مودي سميت ٻي قيادت سان ملاقاتون رٿيل هيون.