دهلي ۾ ميٽرو اسٽيشن ٻاهران ڌماڪو، 9 ڄڻا مارجي ويا

دهلي ۾ ميٽرو اسٽيشن ٻاهران ڌماڪو، 9 ڄڻا مارجي ويا

نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ۾ لال قلعي ميٽرو اسٽيشن ڀرسان ڌماڪي ۾ 9 ڄڻا مارجڻ جا اطلاع آهن. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته لال قلعي ميٽرو اسٽيشن جي گيٽ نمبر هڪ ڀرسان هڪ گاڏي ۾ ڌماڪو ٿيو، فوري طور ڌماڪي جي نوعيت معلوم ناهي ٿي سگهي. اختيارين موجب ڌماڪي کانپوءِ 6 گاڏين ۽ 3 رڪشن ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي ضابطو آندو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويل 9 ڄڻن جا لاش اسپتال پهچايا ويا آهن. 24 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، جنهن سبب مارجي ويلن جي انگ ۾ اضافي جو خدشو آهي. پوليس اڃا ڌماڪي جي نوعيت جو اعلان نه ڪيو آهي.