دهلي ۾ ڪاڪروچ پارٽي جو احتجاج، پارليامينٽ وڃڻ جي ڪوشش، لٺبازي

دهلي ۾ ڪاڪروچ پارٽي جو احتجاج، پارليامينٽ وڃڻ جي ڪوشش، لٺبازي

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج کي پوليس تشدد ڪري ختم ڪري ڇڏيو ڪانگريس تشدد جي مذمت ڪئي آهي. جنتر منتر تي وڳوڙ روڪڻ واري حفاظتي سامان سان ليس پوليس اهلڪار ۽ مظاهرو ڪندڙن مختلف هنڌن تي آمهون سامهون ٿيا، جنهن سبب چڪريون ٿيون پوليس تشدد ڪري احتجاج ڪندڙ نوجوانن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ ڳالهيون به ٿيون احتجاج ڪندڙ پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ  نعريبازي به ڪئي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل ڪارروائي دوران احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ لٺبازي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ صورتحال وڌيڪ بگڙي وئي. جڏهن ته عارضي طور قائم ڪيل احتجاجي اسٽيج پڻ هٽايو ويو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن احتجاج ختم ڪرائڻ ۽ روڊ خالي ڪرائڻ دوران مظاهرين سان چڪريون ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جون پڻ رپورٽون سامهون آيون آهن. اپوزيشن جي ڪانگريس پارٽي تشدد جي مذمت ڪئي آهي.