تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

دوائن جي اگھن ۾ ڪيل واڌ ۽ موت جو ٿيندڙ ڪاروبار … ڊاڪٽر ڪامران چانڊيو

ميڊيڪل سائنس سان ڳنڍيل هجڻ ڪري اهو تمام ضروري ٿو سمجهان ته ميڊڪل سان وابسته شعبن، دوائن ۽ ميڊيڪل جي ضرورت جون ڪافي شيون اوهان سان ونڊ ڪريان ته جيئن ميڊيڪل جي نالي ٿيندڙ ٺڳين، فراڊن، ناجائزين ۽ ناانصافين کي اوهان آڏو وائکو ڪري ڇڏجي. ٻيو ته ميڊيڪل سائنس بابت ڪي اهڙيون شيون به اوهان سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو، جن متعلق اسان کي يونيورسٽيءَ واري دور کان پڙهايو ۽ سيکاريو ويو آهي ته ڪيئن خلقِ خدا جي مخلوق کي لُٽجي، بي رحم طريقن سان انهن جي جسم تان کل اڊيڙجي ۽ غريب ماڻهن جو محنت ڪري پگهر وهائي ڪمايل پئسو ڪيئن ڦرجي؟ ڇو جو پاڻ وٽ هر هنڌ سرڪاري اسپتالن کان ويندي پرائيويٽ اسپتالن ۽ ڪلينڪن تي اهو حال آهي ته اُتي غريب ماڻهن کي نه فقط لُٽيو وڃي ٿو،پر انھن جي جانين سان راند ڪئي وڃي ٿي ،سرڪاري اسپتالن جو ته حال پورو آھي مگر پرائيويٽ اسپتالن ۾ به موت جو ڪاروبار ٿئي ٿو ، ھاڻي ته سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر به مريضن جو علاج سرڪاري اسپتالن بجاءِ پنھنجي پرائيويٽ جوڙيل ميڊيڪل سينٽرن ۾ ڪن ٿا جتي انھن کي ڪنھن ننڍي بيماري ۾ به ٺونٺ جيڏي پرچي لکي ڏني وڃي ٿي.
ميڊيڪل جي ھن سنگين دنيا ۾ جتي انساني زندگين کان وڌيڪ انھن لوڪل ۽ انسان دشمن دوائن جي ڪمپنين جي اھميت آھي جنھن سان ڪميشن طئي ڪري انساني جانين سان کيڏيو وڃي ٿو، پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل ڊاڪٽر دوائن جي ڪمپنين سان معاهدا ڪري عوام کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ سان گڏ انھن کي موت جي ڪناري تي وٺي وڃن ٿا نه فقط اھو پر انهن تي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ لوڪل سيمپلز آڻيندڙ ڪمپين جا تجربا ڪري هڪ بيماري مان ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون ڏنيون وڃن ٿيون، اهو ئي سبب آهي اسان وٽ هر ڏهن مان ست ماڻهو بلڊ پريشر، شگر، پيٽ جي بيمارين ۽ ذهني پريشانين ۾ مبتلا آهن. اسان پنهنجي ارد گرد نظر ڦيرائينداسين ته هڪ ڳالهه جو پتو ضرور پئجي ويندو ته هر پنجن ماڻهن مان 50 سيڪڙو ماڻهو دوائن تي هلندڙ هوندا يا ائين کڻي چئجي ته پاڻ وٽ اڪثريت هاڻي دوائون کائڻ سبب ئي زندھ آهي، ان جو به هڪ اهم سبب آهي ته پاڻ قدرتي پيداوار کان هٽي ڪري لذيذ کاڌن، برگر، مصالحي ۽ گرم شيون کائڻ جا هيراڪ بڻجي چڪا آهيون. اڳ ۾ جڏهن ڳوٺن ۾ ڏهي، ڦٽي، لسي، ڏڍ ۽ کير کي تمام گهڻي مقدار ۾ واپرايو ويندو هو ته بيماريون نه هجڻ جي برابر هونديون هيون، پَر هاڻي جڏهن ميڊيڪل سائنس پنهنجي عروج تي پهتي آهي ته ان باوجود به سوين موتمار بيماريون انسان جو وجود ختم ڪرڻ لاءِ پيدا ٿي رهيون آهن جن ۾ تمام وڏو ھٿ خود ميڊيڪل جو بھ آھي جتي نقل ۽ سادن دوائون واپرائڻ سبب ڪيترائي انسان پنھنجي زندگين تان ھٿ ڌوئي ويٺا آھن.
هڪ ڳالهه اهم آهي ته پاڻ هاڻي بيمارين ۾ تمام گهڻي حد تائين مبتلا ٿي چڪا آهيون. هاڻي جڏهن اسان مان تقريبن هر ماڻهو دوائن تي هلي رهيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ ڊرگ ريگيوليشن اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ دوائن جي اگهن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ 94 کان وڌيڪ اُهي دوائون آهن، جنهن کي ايمرجنسي ۾ انساني زندگين کي بچائڻ ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو. هونئن ته پاڪستاني عوام ڪيترن ئي مسئلن ۾ جڪڙيل آهي. مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هر شيءِ جا اگهه چوٽ چڙهي چڪا آهن ۽ جڏهن هن وقت پوري دنيا سميت پاڪستان ڪرونا وائرس جي وبا سبب معاشي طرح پوئتي پئجي چڪو آهي ته ويتر دوائن جي اگهن ۾ واڌ ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته نه فقط پاڪستان ۾ عوام جو جيئڻ مشڪل ڪيو ويو آهي، پر هاڻي موت کي به پڻ عوان لاءِ مشڪل بڻايو ويندو.
وزيراعظم جو صحت جو معاون خصوصي ڊاڪٽر فيصل سلطان پنهنجي بيان ۾ چئي ٿو ته پرائيويٽ ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي دٻاءَ سبب دوائن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي تھ جئين مارڪيٽ ۾ بليڪ تي ملندڙ دوائن جي روڪٿام کي ممڪن بڻائي سگھجي هڪ ڳالهه ضرور سمجهڻ گهرجي ته هي هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن سان عوام جو سڌو سنئون تعلق آهي. ڏسجي ته هر طرف بيماريون پنهنجو اثر ڏيکاري رهيون آهن. اسپتالون مريضن سان ڀريون پيون آهن، صحت جو سھولتون نه ھجڻ برابر آھن سرڪاري اسپتالن ۾ مٿي جي سور جي گوري به دستياب ناھي اھڙي صورتحال ۾ دوائن جي اگھن ۾ واڌ سڌو سنئون ملٽي نيشنل ڪمپينن ۽ ڊرگ مافيا کي فائدو پھچائڻ آھي،
اسان سمجھون ٿا ته حڪومت پاران جيڪا دوائن جي اگھن ۾ واڌ ڪئي وئي آھي تنھن سان غريب جي انساني جانين جو تمام گھڻو نقصان ٿي سگھي ٿو ڇو جو جتي ڊاڪٽر ڪاسائي ھجن،دوائن جون ڪمپنيون دوا بجاءِ زھر جو وڪرو ڪن ۽ وقت جي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ مورڳو عوام کي باھ جي شعلن ۾ ڦٽو ڪري ته اتي انسانيت جو نقصان ئي ممڪن آھي. ھوئن ته ھڪڙي پاسي ڊاڪٽر ۽ ،لٽي نيشنل ڪمپنيون عوام کي لٽي رھيون ھيو ن پر ھاڻي ته ويتر دوائن جي اگھن ۾ واڌ ڪري اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته ملڪ ۾ اسپتالن جو جيڪو ھٿ وٺي حشر ڪيو آھي جتي نه دوا ملي ٿي نھ ئر ڊاڪٽر ئي موجود آھن انھن سڀني پٺيان به حڪومت جي ناڪام پاليسي آھي اسين سمجھون ٿا ته دوائن جي اگھن ۾ واڌ نھ صرف عوام جي چيلھ چٻي ڪندي مگر ھزارين غريبن جون جانيون پڻ ڳڙڪائي ويندي جنھن وٽ وائون خريد ڪرڻ جي وصيت ناھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *