دوداپور: بيروزگاري کان تنگ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو
جُون 4, 2025
دوداپور ( پنهنجي ڊيسڪ) دوداپور ويجهو ۾ بيروزگاري کان تنگ نوجوان پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو،ڳوٺ دلدار مندراڻي 18 ورهين جي محمد آصف مندراڻي پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو،واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي آپگهات ڪندڙ نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي