دودا پور ( رپورٽر) دوداپور ويجهو گهرو تڪرار تان جوابدار فائرنگ ڪري گهر واري کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، عورت جو مڙهه اسپتال اماڻيو ويو
محمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ نصرالله دشتي ۾ جوابدار علي جان دشتي فائرنگ ڪري گل خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي، عورت جو لاش اسپتال کڻائي آئي
پوليس جو چوڻ آهي ته نصرالله دستي گهرو اڻبڻت تان پنهنجي زال گل خاتون کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.