دوداپور ويجھو ٻٻر-ٿهيم تڪرار خاتمي لاءِ ميڙ: مهلت طلب
مارچ 14, 2025
دوداپور(ن پ ا) دوداپور ويجھو 3 سال اڳ پلاٽ جي مالڪي تان ناصر ٿھيم ۽ محمد صادق ٻٻر جي ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تان قتل ٿيل ٻٻر برادري جي 6 ڄڻن ۽ ھڪ واٽھڙو سميت 7 ڄڻن جي قتل بعد ھلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ امين بليدي جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو ٻٻر برادري جي ڳوٺ ڇٽل آباد ٻٻر پھتو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٿھيم برادري جي طرف کان ميڙ ٿي آيا آھيون، ٺاھه ڪيو وڃي، جنهن تي ٻٻر برادري جي چڱي مڙس وزير ٻٻر جو چوڻ هو ته مقتول ڌرين جي محمد صادق ٻٻر موجود ناھي ۽ ٻيو اھو شرط آھي، اسان جي مقتولن جي قتل ڪيس ۾ گھربل سڀ جوابدار گرفتاري پيش ڪن، جنهن کانپوءِ صلاح مشوري ڪرڻ بعد ڳالهيون ڪنداسين جيستائين مھلت ڏني وڃي، جنھن کانپوءِ قافلو واپس روانو ٿي ويو.