دوداپور ويجھو ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ناري گوليون هڻي قتل

اپريل 9, 2025

دوداپور(ن پ ا) دوداپور ويجهو ڪارنھن هيٺ ٻٽو قتل، جوابدار فرار، تاجوديرو ٿاڻي جي حد دائوجهانپور ۾ جوابدار ساٿين سان گڏجي ڪارنھن الزام هيٺ هوٽل تي ويٺل نوجوان دوست علي جکراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ساڳئي جوابدارن ڳوٺ پھچي پنھنجي نوجوان ڌيءَ ريشمان بروهي کي  به قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس جو چوڻ هو ته واقعو ڪارنهن معاملي تان پيش آيو آھي، جوابدار عزير الله بروهي پنھنجي ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري نوجوان دوست علي جکراڻي ۽ پنھنجي نوجوان ڌيءَ ريشمان بروهي کي به قتل ڪيو آهي،وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.

 

Leave A Comment