دودا پور مان هٿياربند ڊرائيور کان ڪار ڦري ويا
جُولاءِ 4, 2025
دوداپور(پنهنجي ڊيسڪ ) ميرانپور واري علائقي ۾ هٿياربندن رتوديرو واسي ڪار ڊرائيور کي اغوا ڪري سندس ڪار به ڪاهي ويا آهن.
ٻن موٽرسائيڪلن تي سُوار 6 هٿياربندن ڪار ڊرائيور طالب ٻُرڙو کي اغوا ڪرڻ بعد جي ايل آءِ ڪار به ڦُر ڪئي، پوليس موجب اطلاع مليو هو ته ڪار ڊرائيور کي اغوا ڪيو ويو ۽ ڪار ڦُر ٿي آهي
ڪار ڊرائيور کي هٿياربند جعفرآباد بليدي لنڪ روڊ تي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪار ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن