نينگر کي پوليو هجڻ جو شڪ ظاهر
جُون 19, 2025
دودا پور (پنهنجي ڊيسڪ) دوداپور ويجھو ست ورھين جو نينگر هلڻ گهمڻ کان لاچار بڻيل آهي.
ڳوٺ عبدالوھاب بروھي جو رھواسي ست ورھين جو محمد حنيف بروھي کي پوليو هئڻ جو انڪشاف نينگر گھمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي.
نينگر جي والد ديدار بروهي ٻڌايو ته پٽ کي پوليو جو شڪ ظاھر ٿيڻ تي جيڪب آباد ڊي ايڇ او آفيس وٺي ويس ڊاڪٽرن ڪا مدد نه ڪئي جنهن بعد ۾ جناح اسپتال ڪراچيءَ کڻي ويس،
ڊاڪٽرن پوليو ھجڻ جو چيو آهي، سندس ھڪ انجيڪشن ٽي لک ۾ ملندي آهي، غربت سبب واپس آيو آھيان، ايترو مهانگو علاج نٿو ڪرائي سگهان.
هن انتظميا کان اپيل ڪئي آهي ته منھنجي پٽ کي ھميشه معذوري کان بچائڻ لاءِ مدد ڪري علاج ڪرايو وڃي