دوستووسڪي کان سارتر تائين ـ  وجود جي ويڳاڻپ: هڪ سماجي ۽ فڪري تجزيو..!  ڊاڪٽر اعجاز انڙ

                 “مان ڪجهه بہ ٿي نہ سگهيس؛ نہ سٺو، نہ خراب؛ نہ بدمعاش، نہ ايماندار؛ نہ سورمو، نہ جيت جڻو…” هي دل کي سٽون ڏيندڙ جملو روس جي عظيم ناول نگار دوستووسڪي جي شاهڪار ناول “نوٽس فرام انڊرگرائونڊ” مان ورتل آهي. اهو هڪ ذهين، باشعور ۽ مايوس انسان جي فڪر ۽ وجودي عذاب کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو معاشري کان ڪٽيل پنهنجي اندر جي گهراين ۾ پاڻ سان هم ڪلام آهي. اهڙي سوچ صرف دوستوووسڪي تائين محدود نہ رهي پر اها ويڳاڻپ، بي معنويت ۽ وجود جي بي ثباتي وارو احساس وجوديت جي فلسفي جو بنياد بڻيو، جنهن کي سارتر، ڪئرڪيگارڊ، ڪاميو ۽ نتشي پنهنجي پنهنجي طريقي سان بيان ڪيو آهي.

وجوديت: فرد، آزادي ۽ بي معنويت

وجوديت فلسفي جي حيثيت ۾ انسان جي ان وجودي تجربي کي سمجهي ٿو، جتي ماڻهو پاڻ کي بي معنيٰ، اڪيلو ۽ غير محفوظ محسوس ڪري ٿو. سورن ڪئيرڪگارڊ جنهن کي وجوديت جو ابو سڏيو وڃي ٿو، هو فرد جي آزادي، ايمان ۽ “انگزائٽي” (پريشاني) کي انساني تجربي جو بنيادي حصو قرار ڏئي ٿو. سندس خيال مطابق: “Anxiety is the dizziness of freedom.”

جان پال سارتر جي مطابق، “Man is nothing else but what he makes of himself.” سندس شاهڪار ڪتاب “Being and Nothingness” ۾ انسان جي مڪمل آزادي، ذميواري ۽ ان سان جڙيل عذاب جو ذڪر آهي. انسان وٽ معنى ناهي؛ هو پاڻ پنهنجي پاڻ کي بامعنى بڻائيندو آهي.

البرٽ ڪاميو پنهنجي ڪتاب “The Myth of Sisyphus” ۾ “Absurdity” يعني زندگي جي بي معنويت کي فڪر جو مرڪز بڻايو. هو چوي ٿو: “The absurd is the essential concept and the first truth.” جڏهن انسان معني  جي تلاش ڪري ٿو ۽ ڪائنات خاموش رهي ٿي. تڏهن هن وٽ بي معنيٰ هجڻ جو شعور جنم وٺي ٿو.

نتشي جو نظريو فقط مذهبي بي يقيني جو اظهار نہ هو پر اخلاقي قدرن جي زوال ۽ انسان جي بي رهنما هجڻ جو اعلان هو. سندس قول: “He who has a why to live can bear almost any how,” انسان کي پنهنجي معنى پاڻ ٺاهڻ جي دعوت آهي.

دوستووسڪي جو ‘انڊرگرائونڊ مين’ ۽ وجوديت:

“انڊرگرائونڊ مين” دوستووسڪي جو اهو ڪردار آهي، جيڪو سماج کان لاتعلق ٿي وڃي ٿو، پنهنجي شعور جي شدت سان پاڻ ۾ گم رهي ٿو. هو ذهين آهي پر ان ذهانت ئي کيس برباد ڪري ڇڏيو آهي. هن جي ان ڳالهه، “An intelligent man cannot seriously become anything… only a fool can become something,” ۾ اها تڪليف صاف ظاهر آهي تہ باشعور انسان لاءِ دنيا ۾ ڪا جاءِ نہ آهي.

هي ڪردار صرف نفسياتي نہ پر سماجي طور تي  بہ بي دخل آهي. هو ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي وجود تي تنقيد ڪري ٿو، ڇو تہ معاشرو هن لاءِ ڪا جاءِ نٿو بچائي هن جي بي عملي، لاتعلقي ۽ پنهنجي نفي وجوديت جو مجسم روپ آهي.

دوستووسڪي جي لکڻين ۾ روسي سماج جي اخلاقي زوال، مذهبي شڪ ۽ فرد جي سماج سان تڪرار کي تصويري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هو فرد جي وجودي عذاب کي سماجي پس منظر سان ڳنڍي پيش ڪري ٿو. سندس ڪردار اڪثر ذهين، حساس ۽ سماجي قدرن کان مايوس ٿيندڙ هوندا آهن.

وجودي اڪيلائپ جا سماجي ۽ معاشي سبب:

سوال هي آهي تہ انسان جي وجودي اڪيلائپ ۽ بي معنويت صرف فلسفياتي مسئلو آهي يا ان جا ڪي  سماجي ۽ معاشي پاسا بہ آهن؟ مارڪس جي نظر ۾ سرمائيداري نظام فرد کي ويڳاڻو بڻائي ڇڏي ٿو. مزدور پنهنجي ئي پيدا ڪيل شيءِ کان بيگانگي(ويڳاڻپ) محسوس ڪري ٿو. مارڪس جو نظريو “Alienation”، يعني بيگانگي، انهيءَ وجودي ويڳاڻپ تي مبني آهي، جنهن جو اظهار دوستووسڪي، سارتر يا ڪاميو ڪن ٿا.

سرمائيداري نظام ۾ فرد کي سندس محنت جو ملهه نٿو ملي هو مسلسل پريشر، مقابلي ۽ نفعو وڌائڻ جي مشين ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. تعليم، روزگار، سماجي حيثيت سڀ هڪڙي ويڪائو مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويا آهن. هي نظام نہ رڳو اقتصادي ناانصافي پيدا ڪري ٿو پر فڪر، احساس، ۽ روح جي بہ توهين ڪري ٿو.

وجوديت جي ويڳاڻپ دراصل ان سرمائيداري ترتيب جو نتيجو آهي، جتي انسان جو تعلق پاڻ سان، ٻين سان ۽ سماج سان ٽٽي ٿو پوي. هو ڪنهن ڪميونٽي، ڪنهن قدر، ڪنهن مقصد سان پاڻ کي ڳنڍيل محسوس نٿو ڪري.

بي معنويت خلاف بغاوت:

دوستووسڪي جو ‘انڊرگرائونڊ مين’ جڏهن چوي ٿو  تہ هڪ ذهين ماڻهو سنجيدگي سان ڪجهه نہ ٿو بڻجي سگهي، تڏهن هو صرف فلسفو نہ ٿو ڳالهائي پر سماج جي اُن مطالبي خلاف بغاوت ڪري ٿو، جيڪو انسان کي مجبور ڪري ٿو تہ هو ڪجهه “بڻجي”  شايد بغير سوچڻ جي. ان جي ابتڙ، البرٽ ڪاميو چوي ٿو:

“To rebel is to affirm life.”

بي معنويت خلاف بغاوت ئي انسان جي وقار جو اظهار آهي. ڪاميو لاءِ سسيفس جو پٿر کي وري وري جبل جي چوٽيءَ تي کڻي وڃڻ باوجود بي معنيٰ هجڻ جو هڪ بغاوتي عمل آهي. اها ئي انسان جي عظمت آهي.

سارتر مطابق انسان “condemned to be free” آهي يعني هو مجبور آهي تہ آزاد رهي. هيءُ آزادي ئي انسان لاءِ وڏي ذميواري بڻجي وڃي ٿي ڇو تہ هر عمل جو چونڊ انسان کي پاڻ ڪرڻي آهي. هو پنهنجي عملن جي ذميواري کڻندو آهي ۽ پنهنجي معنى پاڻ ٺاهيندو آهي.

وجوديت کان مارڪسيت ڏانهن: نجات جو رستو

سارتر، وجوديت جي اڀياس کان پوءِ، مارڪسي فلسفي ڏانهن مائل ٿيو. سندس راءِ ۾ انساني آزادي کي مڪمل معنيٰ تڏهن ملي ٿي، جڏهن اهو فرد صرف پنهنجن ذاتي سوالن تائين محدود نہ رهي پر سماجي تبديلي لاءِ عمل ڪري. ان لاءِ ضروري آهي تہ فرد طبقاتي ناانصافي خلاف جدوجهد جو حصو بڻجي.

سارتر چيو: “Marxism remains the philosophy of our time. We cannot go beyond it because we have not gone beyond the circumstances which engendered it.”

مارڪسيت، وجوديت جي خود پسند انفرادي سوچ جي ابتڙ، اجتماعي آزادي، برابري ۽ تاريخي جدوجهد تي زور ڏئي ٿي. جتي وجوديت فرد جي معنى جي تلاش جي ڳالهه ڪري ٿي، اتي مارڪسيت ان معنى کي اجتماعي نجات ۽ طبقاتي انصاف ۾ ڳولي ٿي. سرمائيداري جي بدترين اثرن کي فقط ذاتي شعور سان ختم نہ ٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ انقلابي تبديلي ضروري آهي.

وجوديت رڳو نفسياتي يا ادبي بحث نہ آهي بلڪه ان جا بنياد سماج جي طبقاتي ورڇ ، ناانصافي ۽ انساني شعور جي اوڳاڙيل حالت ۾ آهن. دوستووسڪي جو ‘انڊرگرائونڊ مين’, سارتر جو آزاد پر پريشان انسان، ڪئيرڪگارڊ جو مذهبي فڪر ۾ الجهيل فرد ۽ ڪاميو جو بغاوت ڪندڙ ماڻهو  سڀ انهيءَ انساني تجربي جا روپ آهن، جتي انسان پنهنجا لاڳاپا معنى ۽ تشخص وڃائي ويهي ٿو.

اڄ جي دنيا ۾ جتي ماڻهو مشينن، اسڪرولنگ، مقابلي ۽ شين جي غلاميءَ ۾ آهن، اُتي وجوديت جو پيغام وڌيڪ اهم ٿي پيو آهي. پر ان فلسفي جو مڪمل تاثر ۽ حل تڏهن پيدا ٿئي ٿو، جڏهن ان کي مارڪسيت سان جوڙيو وڃي، جتي شعور، بغاوت ۽ آزادي طبقاتي نجات، انساني وقار، ۽ تاريخي تبديلي سان ڳنڍيل آهي.

اهو ئي پيغام دوستووسڪي جي مايوس ذهين پر بغاوتي ‘انڊرگرائونڊ مين’ جو آهي ۽ اهو ئي سارتر، ڪئيرڪگارڊ، ڪاميو، نتشي ۽ آخرڪار مارڪس جي فڪر جو نچوڙ آهي تہ انسان فقط تڏهن ئي ڪجهه بڻجي سگهي ٿو، جڏهن هو نہ فقط پنهنجي پر ٻين جي بہ آزادي، بامعنى زندگي ۽ نجات لاءِ وڙهي رهيو ھجي.