دوستي لاءِ تنگ ٿو ڪري: ڦلجيءَ واسڻ پاڙيسري خلاف ٿاڻي پهتي

دوستي لاءِ تنگ ٿو ڪري: ڦلجيءَ واسڻ پاڙيسري خلاف ٿاڻي پهتي

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: سجادالرحمن پنهور) پيارو اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ شريف آباد دڙو جي رهواسڻ چئن ٻارن جي ماء شبانا ملڪ پنهنجي پاڙيسري ارشاد احمد ڀٽي خلاف پيارو ٿاڻي تي پهچيدانهيو ته ارشاد ڀٽي دوستي رکڻ لاء پريشان ڪري رهيو آهي.شبانا ملڪ چيو ته اسين غريب مسڪين آهيون منهنجو مڙس ريڙهو هلائي گهر جو چرخو هلائيندو آهي اسان جو پاڙيسري ارشاد احمد ڀٽي ڪيترن مهينن کان دوستي رکڻ لاء پريشان ڪري رھيو آهي ، انڪار ڪرڻ تان هو ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هن اسان مٿان نالي جو نيڪر بند ڪرڻ جو ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو لوفرن کان ڌمڪيون ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ارشاد ڀٽي منهنجي گهر اڳيان چڪر ڪاٽي غلط غلط اشارا ڪندو رهي ٿو اسانکي هن مان جاني خطرو آهي. ارشاد ڀٽي پنهنجي دوست رڪڻ ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس جمعدار غلام محمد برھماڻي سان گڏجي  مختلف طريقن سان مونکي پڻ حراسان ڪري رهيو آهي.  پوليس جمعدار مونکي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته ارشاد ڀٽي سان ٺاھ ڪر جي نه ته ڳرا نتيجا ڀوڳڻ لاء تيار ٿي وڃ اهڙي شڪايت مان ڳوٺ جي نيڪ۔مردن کي پڻ ڪئي آهي پر ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري عورت مطالبو ڪندي چيو ته ارشاد ڀٽي ۽ سندس ساٿاري پوليس جمعدار غلام محمد برھماڻي غلام سخت ڪاروائي ڪري مونکي ۽ منهنجي مڙس ۽ اولاد کي تحفظ ڏنو وڃي.