| دولتپور لڳ پٽ جي ڇٺي تي خوشيون ملهائيندڙ پيءَ فوت |
دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور لڳ پٽ جي ڇٺي تي خوشيون ملهائيندڙ پيءَ فوت، ان ڏس ۾ ڳوٺ نبي بخش سنگراھ ۾ ڏکائيندڙ واقعو پيش آيو، 25 ورھين جي گل حسن سنگراھ پنهنجي تازي ڄاول پٽ جي ڇٺيء ملهائڻ جي خوشيءَ ۾ گھر ۾ ڳيچ ڳانا ۽ ميوزڪ پروگرام منعقد ڪيو، ٻاھر اوطاق تي به ھڪ پروگرام رٿيو ويو، جتي عزيزن دوستن سان گڏ گيتن تي گل حسن جھمر هڻندي دل جي دوري سبب بيهوش ٿي ڪري پيو،عزيزن ۽ دوستن کيس اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، انهي واقعي سبب خوشين سان ڀريل ماحول ماتم ۾ تبديل ٿي ويو