دونھين جي ديوار … اعجاز منگي

                 چين جي جڳ مشھور جنگي ماھر سن زو جو قول آھي تہ ”All warfare is based on deception“ يعني ”ھر جنگ جو بنياد دوکي تي رکيل ھوندو آھي“. جنگ صرف ھٿيارن جي مقابلي جو ميدان نہ ھوندي آھي پر جنگ ۾ دشمن ملڪ ۽ انھن جون فوجون ھڪ ٻئي خلاف دوکن ۽ دولابن جا ھٿيار بہ استعمال ڪنديون آھن. جنگ دوران دوکن جي ھٿيارن ۾ ھڪ ھٿيار جو نالو آھي، سموڪ اسڪرين (Smoke Screen)! سموڪ اسڪرين فوجي ٻوليءَ جو مشھور محاورو  ۽ مشق آھي. قديم دور ۾ جڏھن بہ جنگ جي دوران ھڪ ملڪ کي پنھنجي فوج ٻئي محاذ طرف منتقل ڪرڻي ھوندي ھئي تہ ھو جھنگ جلائي دونھين جي ھڪ اھڙي ديوار قائم ڪندو ھو، جيڪا پردي جو ڪردار ادا ڪري. جنھن پويان ميدان جنگ ۾ دشمن کي نقل و حرڪت جي پروڙ نہ پوي.

                 جنگي سائنس ۾ ترقيءَ سبب ميزائل ۽ ڊرونز جي ھن دور ۾ باھيون ٻاري دونھين جون ديوارون ٺاھڻ جو ڪم تہ ڪافي حد تائين گھٽجي ويو آھي پر جنگ جي دوران انيڪ پيش قدميون ۽ ھروڀرو ڪيل حملا يا جنگ ھلندي سفارتي محاذ تي ٿيندڙ سرگرميون، ملاقاتون ۽ انھن ملاقاتن دوران جاري ٿيندڙ بيان ”سموڪ اسڪرين“ طور ڪتب آندا وڃن ٿا. اھڙي طرح موجودہ دور ۾ جنگ دوران سموڪ اسڪرينس يعني دونھين جي ديوارن جو استعمال ماضيءَ جي مقابلي ۾ ڪجھ نہ پر گھڻو وڌي ويو آھي. ھن وقت اسان جي آس پاس ايران مٿان آمريڪي جي جاري جنگ دوکي جي ھٿيارن سان ايتري ڀرپور آھي، جيتريون ڀرپور ماضيءَ ۾ وڙھيون ويل ٻہ مھاڀاري جنگيون بہ نہ ھيون. جيتوڻيڪ ٻن عالمي جنگين ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي ڪٿ ڪرڻ تمام مشڪل آھي پر سالن تائين جاري انھن جنگين ۾ دوکن جا ايترا ھٿيار استعمال نہ ٿيا ھئا، جيترا ھن جنگ ۾ نظر اچن ٿا.

ھيءَ جنگ جيڪا جنگ بنديءَ جي ٻن ھفتن جو مدو ڪراس ڪري چڪي آھي پر پوءِ بہ آسمان ۽ سمنڊ جي محاذن تي رڪيل ويڙھ سفارتي ميدان تي ڀرپور انداز سان جاري آھي ۽ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا جي ھٿيارن سان ھلندڙ سفارتي جنگ جي سلسلي ۾ ڪو پتو نہ پوي تہ ھيءَ آخر ڪٿي دنگ ڪندي؟ جيتوڻيڪ ان ڳالھ جا امڪان گھٽ بيان ڪيا وڃن ٿا تہ وري ايران جي آسمان مٿان جنگي جھازن جا ڪڪر موت جو مينھن وسائن ۽ ايران ان جي جواب ۾ آمريڪا جي اتحادي عرب ملڪن مٿان ميزائلن جا حملا جاري ڪري پر ھن مھل اسلام آباد جو پوش ايريا ڪڏھن ڪرفيو جو ڏيک ٿو ڏئي تہ لڳي ٿو ٻنھي ملڪن جا نمائندا ڳالھين ڪرڻ لاءِ اچڻ وارا آھن ۽ جڏھن ملڪ جي گاديءَ واري شھر ۾ آمد و رفت ڪنھن حد تائين نارمل ٿيڻ لڳي ٿي تہ امن مذڪرات جو امڪان سسي سوڙھو ٿي وڃي ٿو.

اھا جنگ جيڪا آمريڪا جلد منطقي انجام تي پھچائڻ چاھي ٿو، ان جنگ کي ايران وڌ کان وڌ اينگھائڻ جي ڪوشش ۾ ھن مھل تائين ڪامياب نظر اچي رھيو آھي، ان جنگ ۾ ھن مھل سفارتي ميدان جو سرگرميون انھن دونھين جي ديوارن سان ڀريل آھن، جن دونھين جي ديوارن ۾ ھلندڙ جنگ بذات خود بہ ھڪ دونھين جي ديوار بڻجي وئي آھي. پراين ملڪن جي وچ ۾ ھلندڙ اھا جنگ اسان جي ملڪ ۾ جھڙي ريت سياسي، سماجي ۽ اقتصادي معاملن کي ڇپائي يعني Overshadow ڪري رھي آھي، ان جنگ جو اھو پاسو اسان جي سھميل قومي ميڊيا توڙي سرڪش سوشل ميڊيا تي بہ بحث جو موضوع نہ بڻجي سگھيو آھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن حد تائين بڻيو بہ آھي تہ ان ۾ اھا شدت ناھي، جيڪا ھجڻ گھرجي.

آمريڪا کي ايران مٿان ھٿ جي وڍيءَ جھڙي حملي جي اڃان ڪيتري سياسي ۽ اقتصادي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ان جو پتو تہ آمريڪا جي ان صدر کي بہ ناھي، جنھن جي دعوت مٿان گذريل ڏينھن ھٿيارن سان حملو ڪيو ويو آھي ۽ جيڪو ھر ڏينھن وڌيڪ غيرمقبول ٿي رھيو آھي. جڏھن تہ ھن جي حوالي سان وڌندڙ گلا جي گراف جي اصل قيمت ھن جي پارٽي ري پبلڪن کان وڌيڪ اھو آمريڪا ادا ڪري رھيو آھي، جنھن کي ٻيھر عظيم بڻائڻ جا اعلان ڪري ھي ماڻھو ٻيھر وائيٽ ھائوس جي مرڪزي ماڳ يعني Oval Office ۾ ويٺو آھي. ان جنگ سبب آمريڪا کي پوندڙ نقصان جو ڪاٿو تہ دنيا جو سسندڙ سپر پاور بعد ۾ ڪندو پر جيڪڏھن اسان پرائي جنگ ۾ پنھنجي ملڪ جو جائزو وٺون ٿا تہ اسان جي ھٿن مان اڏاميل طوطا اسان جي اکين کان الوپ ٿيندا نظر اچن ٿا.

آمريڪا ايران جنگ ۾ پاڪستان پاران امن جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش سبب ملڪ جي مثبت مشھوريءَ کان وڌيڪ اھا حڪومت مضبوط ٿي آھي، جنھن کي مخالف ڌر پھرين ڏينھن کان وٺي فارم 47 جي پيداوار قرار ڏئي رھي آھي ۽ اھا بہ ھڪ بي رحم حقيقت آھي تہ ان جنگ سبب ملڪ جي مخالف ڌر ويجھي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪمزور ٿيندي نظر آئي آھي. پرائي جنگ جو معاشي ڪيتو تہ ھن ملڪ جو مسڪين عوام ڏئي رھيو آھي پر ھلندڙ جنگ جي جيڪا سياسي قيمت تحريڪ انصاف ادا ڪئي آھي، ان جو حساب ڪتاب ڪندي پي ٽي آءِ جي پريشان قيادت جي پيشانيءَ تي پگھر اچي وڃن ٿا. ھن جنگ کان اڳ ۾ عمران خان جي اک واري علالت سبب ھن جي ھمدرديءَ ۾ جيڪا واڌ اچڻ لڳي ھئي، ان سبب حڪومت جي پريشاني بہ پڌري ٿي پئي ھئي پر ھن مھل جڏھن اڍيالا جيل ۾ قيد اڳوڻو وزير اعظم ملڪ جي سابق خاتون اول سميت اکين جي بيماريءَ ۾ مبتلا آھي، تڏھن بہ ميڊيا ۾ ”جنگ ۽ امن“ جو جيڪو شور متل آھي، ان شور سبب ملڪ جي سياسي مريضن جو ڪيس پوري طرح سان پردي پويان ھليو ويو آھي.

جنگ جي شور شرابي واري خرابي جو حڪومت جھڙي ريت ڀرپور فائدو وٺي رھي آھي، ان جو رخ صرف سياسي ناھي پر اھا معاشي حوالي سان ملڪ جي عوام سان سراسر ويڌن ڪري رھي آھي. پيٽرول جي اگھ ۾ مسلسل اضافي سبب ملڪ ۾ جيڪو مھانگائيءَ جو طوفان جنم وٺي چڪو آھي، ان جي شدت جو سوچي عام انسان صرف حيران نہ پر تمام گھڻو پريشان آھي. اسان جي حڪومت پراين ملڪن جي وچ ۾ ھلندڙ ٿڌي ۽ توڙي گرم ويڙھ کي سموڪ اسڪرين طور استعمال ڪري، عوام کي دوکي ۾ رکڻ لاءِ جيڪا دونھين جي ديوار کڙي ڪئي آھي، ان جي پويان صرف عمران خان جو خاندان ۽ ھن جي پارٽي ناھي پر عام ماڻھوءَ جو جياپو ايترو تہ تنگ ٿي ويو آھي، جيترو تنگ جياپو شايد ايران جي عوام جو بہ ناھي. ڇو تہ سوشل ميڊيا معرفت ايران ۾ جنگ سبب تشويش تہ بلڪل بہ نظر اچي ٿي پر عام وھاپي وارين شين وارا انھن جا مارڪيٽ ھن جنگ سبب بلڪل بہ متاثر نہ ٿيا آھن. ايران جي بازارن ۾ نہ تہ ضرورت جي شين جي اڻاٺ آھي ۽ نہ وري جنگ سبب اگھن جي حوالي سان ڪنھن بحران جنم وتو آھي.

سنڌي ٻوليءَ جو پراڻو پھاڪو آھي ”جيڪو لڳي سو ڪاڻي اک ۾!“ ان حوالي سان جتي بہ ڪو بحران جنم وٺي ٿو يا جتي بہ ڪا جنگ ڇڙي پوي ٿي، ان جو نقصان پاڪستان جو عوام ادا ڪري ٿو. ايران مٿان آمريڪا جي مڙھيل جنگ ۾ نار وارن ملڪن مان پاڪستان جي پورھتين جي واپسي ۽ اتي موجود محنت ڪشن جي پريشاني پاسي تي رکي، اسان صرف پنھنجي ملڪي صورتحال جو جائزو وٺون ٿا تہ اسان جي قومي زندگيءَ جو ھر پھلو چيٿاڙيل ۽ چيڀاٽيل نظر اچي ٿو. پاڪستان ۾ ميڊيا مٿان جيڪا سرڪاري سختي آھي، ان جو حشر ان مھل بہ نہ ھو، جنھن مھل پاڪستان مٿان انھن آمرن جو راڄ ھو، جيڪي آئين کي پائمال ڪري اقتدار ۾ آيا ھئا. ان مھل پريس مٿان پابندي گھٽ ۾ گھٽ نظر تہ ايندي ھئي پر اھو ھن ”جمھوري حڪومت“ جو ڪمال آھي، جنھن ۾ ميڊيا مٿان پيل اڻ اعلانيا پابنديءَ جو ڀرپور عڪس اردوءَ جي ان شعر ۾ ڏسي پسي سگھجي ٿو:

”نہ خنجر پہ ڪوئي داغ، نہ دامن پہ ڪوئي ڇينٽ

تم قتل ڪرو ھو ڪہ ڪرامات ڪرو ھو“

ھيءَ حڪومت ايران آمريڪا جنگ جي نقصانن کي معاشي حوالي سان عوام جي مٿان مڙھي رھي آھي ۽ سياسي حوالي سان ھن جھڙي طرح پنھنجن حريفن جو حشر نشر ڪيو آھي، ان آفت مان حڪومت جا حليف يعني سندس ساٿي بھ محفوظ ناھي. جنگ سبب صرف عمران خان ۽ ھن جا حامي نقصان جو شڪار نہ ٿيا آھن پر جنھن قوت کي سياسي ٿوڻي بڻائي ھيءَ حڪومت کڙي ڪئي وئي، اھا سياسي ٿوڻي بہ ھن مھل سياسي اڪيلائيءَ جي رڻ ۾ رلي رھي آھي.

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٽياڪڙيءَ ذريعي امن ڪرائڻ وارين ڪوششن صرف ڀارت ۾ مودي سرڪار لاءِ پريشان نہ ڪيو پر ان امن سبب ملڪ جي اندر حڪومت جي حامي قوت پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ جيڪا پريشاني جي صورتحال پيدا ٿي آھي، ان جو تہ ڪجھ وقت اڳ تائين ڪنھن کي وھم گمان بہ نہ ھو.

پيپلز پارٽيءَ امن سبب پيدا ٿيل سرھائيءَ ۾ پنھنجو حصو پتي بہ ڪليم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پ پ جي ميمبرن توڙي عھديدارن جا اھي بيان اڃان تازا ھئا تہ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي امن مذڪرات کان بنھ پري رکي حڪومت جي بنيادي حامي قوت جي ناماچاري سان جيڪو برو حشر ڪيو ويو، ان سبب پيپلز پارٽيءَ پاران پنھنجي قيادت جي حق ۾ بيان بازين جو سلسلو بہ رڪجي ويو.

ايران مٿان آمريڪا جي مڙھيل جنگ ۽ ھاڻي ايران جي سفارتي مزاحمت امن جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ سرگرم سرڪار پريشان ڪيو ئي ڪيو آھي پر جنگ جي روپ ۾ جڙي پيل دونھن جي ديوار پويان حڪومت جي ساٿاري قوت يعني پيپلز پارٽي جنھن ويڌن واري وقت کي منھن ڏئي رھي آھي، ان جي پريشاني پڌري نہ ٿيڻ واري احتياط سبب پ پ قيادت ميڊيا آڏو اچڻ کان ھچڪچائي رھي آھي. ڇو تہ ھن مھل امن مذڪرات جي آڙ ۾ جيڪا مشھوري ملڪ جو فيلڊ مارشل ۽ وزير اعظم ماڻي رھيا آھن، ان کان محروميءَ جي تڪليف پيپلز پارٽيءَ جي منھن مٿان پڌري آھي.

امن ڳالھين جي موسم بھار ۾ پ پ قيادت جنھن صحرا ۾ ڀٽڪي رھي آھي، ان جا پتا ٽنڊو الھيار کان وٺي ان چين ياترا تائين نظر اچن ٿا، جنھن جي سفرنامي جو نالو اردو جي البيلي شاعر ابن انشاءَ ”چلتي ھو تو چين ڪو چليي“ رکيو ھو!!