دوڙ: تيز رفتار وين بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي: 4 مسافر فوت : 12 زخمي

دوڙ: تيز رفتار وين بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي: 4 مسافر فوت : 12 زخمي

دوڙ (رپورٽ : بابر وساڻ) دوڙ ڀرسان تيز رفتار وين روڊ تي بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي:  4 مسافر اجل جو شڪار 12 زخمي، ان ڏس ۾ مهراڻ هاءِ وي تي سيٺر اسٽاپ ڀرسان ڪراچي کان ٺري ميرواهه ويندڙ تيز رفتار مسافر وين  ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي اطلاع تي 1122،   ريسڪيو ٽيمن ۽ ڳوٺاڻن پهچي زخمين ۽ فوتين جي لاشن کي دوڙ اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن محمد موسيٰ ٻانڀڻ، علي محمد راڄپر ۽ 12 سالن جي معصوم ٻارڙي مريم جي فوت هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، جڏهن هڪ فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي، زخمين ۾ دادي خاتون، خالده زال سانوڻ، مسڪان زال نواز علي، ابرار ولد ڪريم بخش، ڪاشف علي، غلام عباس ، طارق حسين ولد محمود، سويرا زال طارق ۽ ٻيا شامل هئا، 5 مسافرن جي حالت خراب هئڻ سبب نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ميڊيا کي ٻڌايو ته وين ڊرائيور تيز آواز ۾ گانا ٻڌي رهيو هو، روڪڻ باوجود به هن آواز گهٽ نه ڪيو،  تيز رفتاري سبب وين روڊ تي بيٺل ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، ٻئي طرف فوتين جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ اسپتال پهتل اڪثر وارث هنجون هاري لڙڪ لاڙيندا رهيا، ٻئي طرف  ايس ايس پي شبير سيٺار دوڙ  چيو ته شروعاتي جاچ موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي هن چيو ته مهراڻ هاءِ وي تي وڏين گاڏين جي رفتار تي نظر رکي اي چالان شروع ڪري رهيا آهن