دوڙ ويجهو ڪاروبار جي ڏيتي ليتيءَ تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 7 ڄڻا زخمي، ڇڪتاڻ

مارچ 23, 2025

دوڙ (ن پ ا) دوڙ ٿاڻي جي حد لياري اسٽاپ تي لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ دبئي ۾ ھلندڙ ڪاروبار جي ڏيتي ليتيءَ سبب جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ نئونتڙ لاشاري تعلقو قاضي احمد جي پٻجو ٿاڻي جي حد سان تعلق رکندڙ سھراب لاشاري، محراب لاشاري ، مجيد لاشاري ، ڪريم بخش لاشاري جڏهن ته ٻئي ڌر جا غلام قادر لاشاري ، معروف لاشاري، لطيف لاشاري زخمي ٿي پيا واقعي جو اطلاع ملڻ تي وڏي انگ ۾ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ پهريان دوڙ اسپتال پهچايو بعد زخمين جي حالت وڌيڪ ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين فوري طور تي نواب شاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو جتي زخمي ٿيل نوجوان محراب لاشاري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ٻيهر دوڙ اسپتال پهچايو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش پهچڻ تي فوتي جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو علائقي ۾ پڻ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي ٻئي پاسي وڌيڪ خونريزي کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ پوليس نفري جهڙي واري هنڌ سميت دوڙ اسپتال ۽ نوابشاھ اسپتال ۾ مقرر ڪئي وئي هئي جڏهن ته ايس ايس پي شھيد بينظير آباد شبير سيٺار واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪري حقيقتون معلوم ڪيون جڏهن ته ايس ايس پي پاران فرض ۾ ڪوتاهي جون شڪايتون ملڻ تي پٻجو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هٽائي لائن حاضر ڪري ڇڏيو جڏهن ته دوڙ ۽ ٻانڌي ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز جون ٻن سالن لاءِ سروسز ختم ڪيون ويون آهن ٽائيم نيوز پاران رابطي ڪرڻ تي دوڙ پوليس ٻڌايو ته ڪاروبار جي ڏيتي ليتيءَ سبب ٻنھي ڌرين ۾ اڻبڻت ھئي گرفتاري لاءِ پوليس جوابدارن جي گهرن تي چڙهائيون ڪري ڪارروايون ڪري رهي آهي جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. ٻئي طرف مقتول محراب لاشاري جي ڀاءُ سهراب جي فرياد تي 7 جوابدارن مٿان دوڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ غلام قادر، معروف، لونگ، عنايت، منٺار، آصف ۽ عبداللطيف کي نامزد ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment