دوڙ ۾ پرڻايل نوابشاهه واسڻ فوت: ساهرن تي قتل الزام: ناري جي ڀاءُ پاران  ساڙڻ جي ڪوشش

دوڙ ۾ پرڻايل نوابشاهه واسڻ فوت: ساهرن تي قتل الزام: ناري جي ڀاءُ پاران  ساڙڻ جي ڪوشش

نوابشاھه (بيورو رپورٽ) دوڙ ۾ پرڻايل نوابشاهه واسڻ فوت: مڙس  ۽ سهري تي قتل جا الزام: لاش رکي ڌرڻو: ناري جي ڀاءُ پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش، ان ڏس ۾  نوابشاهه جي ادريس ڀٽي ڪالوني جي رهواسي مشوري برادري چئن ٻارڙن جي امڙ غلام صغران مشوري جو لاش پريس ڪلب اڳيان رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي غلام صغران جي امڙ غلام فاطمه مشوري چيو ته  منھجي نياڻيءَ غلام صغران جي شادي دوڙ ڀرسان رهندڙ غلام رسول مشوري جي پٽ سان  ڪرايل هئي، منھجي نياڻي  کي سندس مڙس ۽ سهري زھر ڏئي قتل ڪيو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، انهي موقعي تي قتل ٿيل غلام صغران جي ڀاءَ عاشق مشوري پاڻ تي پيٽرول ھاري باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي مائٽن روڪي ورتو