ڪراچي)پنهنجي ڊيسڪ) واپڊا پاران ديامير ڀاشا ڊئم لاءِ هلندڙ سال نومبر مهيني ۾ سنڌو درياهه جو رُخ موڙڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي
واپڊا چيئرمين رٽائرڊ لفيٽيننٽ جنرل سجاد غني چيو آهي ته سنڌوءَ جو رُخ موڙڻ ديامير ڀاشا ڊئم رٿا لاءِ اهم هدف ۾ شامل آهي
سندس چوڻ هو ته رُخ موڙڻ بعد سنڌوءَ جو وهڪرو ڊائيورزن سسٽم مان گذرِي ڊئم سائيٽ جي هيٺئين پاسي کان فطري لنگهه سان ملندو
هن چيو ته سنڌو درياهه هڪ ڪلوميٽر ڊگهي ڊائيورزن سرنگهه ۽ ڏهائي 8 ڪلوميٽر ڊگهي ڊائيورزن ڪئنال کان گذرندو
واپڊا چيئرمين چيو ته سنڌوءَ تي ٺهندڙ داسو ڊئم هائيڊرو پاور رٿا جي مجموعي پيداواري صلاحيت 4 هزار 320 ميگاواٽ آهي، رٿا کي ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو