پروفيسر افشان بانو ڪانڌڙو، گذريل ڪافي سالن کان گرلز ڪاليج موري ۾ پرنسپال جي عهدي تي فائز آهي. هوءَ نه صرف ڪاليج جا انتظام سٺي ريت هلائي ٿي، پر ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ ۾ بائيوميٽرڪ اٽينڊنس، آن لائين اٽينڊنس جو ويب پورٽل پڻ ريجنل ليول تي سنڀالي ٿي. ان کانسواءِ هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ايم.فل جو تحقيقي ڪم پڻ ڪري رهي آهي. گهر جون ذميداريون الڳ آهن. ان سواءِ علم الانسان، تاريخ، جاگرافي، سائنس ۽ آرٽس تي پڻ ڪافي معلومات رکي ٿي. هن جي بقول ڏينهن ۾ صرف ڪجهه ڪلاڪن جي آرام کانسواءِ هر وقت ڪم ئي ڪم هوندو آهي. منهنجي سوال ته ايترا ڪم ڇو ٿا ڪريو؟ جو هن وٽ تمام سادو ۽ عام فهم جواب آهي. ميڊم افشان بقول ته، ”ديس رڳو چند وڻ، عمارتن، روڊن رستن ۽ سرحدن جو مجموعو ناهي، بلڪه اهو هڪ تاريخ، ثقافت، روايت ۽ انساني رشتن جو نالو آهي؛ جنهن کي درست نموني هلائڻ لاءِ موجود ماڻهن کي ڪم ڪرڻو پوندو. اُهي ملڪ ئي خوشحال ۽ آباد آهن، جتي جا ماڻهو ڪم کي عار نه ٿا سمجهن. رهي ڳالهه ته اسان جن ملڪن ۾ رهون ٿا ته اتي اڪثر ماڻهو ڪم نه ٿا ڪرڻ چاهين. هو محنت کان ڪيٻائين ٿا. نتيجي ۾ انهن جي حصي جو ڪم به اسان جهِڙن کي ڪرڻو پوي ٿو“. پرنسيپال صاحبه جون ڳالهيون ڪافي قدر تزُ ۽ ٺيڪ آهن. ڇاڪاڻ ته پاڻ سمجهون ٿا ته وطن هڪ اهڙو احساسي مرڪز آهي، جتي انسان کي پنهنجي سڃاڻپ ملي ٿي، جتي سندس ماضي، حال ۽ مستقبل جڙيل هوندو آهي. جيڪڏهن ديس سِڀِن جو آهي، جيڪڏهن وطن جي هوائن، مٽيءَ، وسيلن ۽ امن مان سڀني کي برابر حصو ملي ٿو، ته پوءِ ان وطن جي حفاظت، احترام ۽ ترقي جي ذميواري پڻ سڀني جي ٿيندي آهي. سڀني کي ڪم ڪرڻ گهرجي.
مان ميڊم افشان صاحبه کان وري سوال ڪريان ٿو ته، ’وطن سان وابستگي، واعدو يا جذبو ڇا آهي؟ هوءَ وراڻي ٿي ته، ”ڪڏهن ڪڏهن انسان وطن سان محبت جو اظهار صرف لفظن، نعرن ۽ جشنن ۾ ڪندو آهي پر وطن سان سچي محبت اُن وقت ثابت ٿيندي، جڏهن ماڻهو پنهنجو عمل، پنهنجو رويو ۽ پنهنجا فيصلا ملڪ جي بھتريءَ لاءِ وقف ڪن. ملڪ سان وفاداري جو مطلب اهو ناهي ته رڳو حالتن تي تنقيد ڪئي وڃي، پر اهو آهي ته انهن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڻ به حصو وٺجي. جيڪڏهن هر شهري اهو سوچي ته ’منهنجو ڇا وڃي؟ هي ته ڪم حڪومت جو آهي.‘ ته پوءِ ملڪ جو سفر ترقي بدران گول دائري ۾ ڦاسي پوندو. اها ڳالهه اسان مان هر ڪو ڄاڻي ٿو ته قومون ڪيئن ٺهن ٿيون؟ ته وري به ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪجي ته قومون صرف ماڻهن سان نه جڙنديون آهن، پر ذميوارين، اصولن ۽ گڏيل مقصدن سان ٺهن ٿيون. جڏهن ماڻهو گڏجي سوچين، گڏجي قرباني ڏين، گڏجي خواب ڏسن ۽ گڏجي انهن خوابن کي حقيقت بڻائين، تڏهن ئي قوم جي اڏاوت ٿئي ٿي. ترقي يافته قومن جو راز اهو آهي ته: شهري توڻي ڳوٺاڻا قانون کي پنهنجو دشمن نه پر محافظ سمجهن. هر ماڻهو پنهنجي ملڪ کي ذميواري سمجهي. هر شهري پنهنجو ڪردار نڀايو، پاڻ کي غير ضروري تماشائي نه سمجهي. پوءِ ان ۾ اخلاقي ذميواريون پڻ اچي وڃن ٿيون، جيڪي ئي سماج جو حقيقي بنياد آهن.
اهي ڳالهيون سوچيندي مان وري پروفيسر افشان بانوءَ کان سوال ڪريان ٿو ته، ’سماج ۾ اخلاق جو ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪردار آهي؟‘ هوءَ وراڻي ٿي، ”اخلاق بغير معاشرو وجود ئي نٿو رکي. جيڪڏهن ماڻهو هڪ ٻئي سان عزت، محبت، انصاف ۽ احترام سان پيش اچن ٿا ته سماج مضبوط ٿيندو. پر جيڪڏهن رويا خودغرضي، نفرت، جهل ۽ لالچ تي ٻڌل هوندا ته پوءِ ٽيڪنالاجي، دولت ۽ قانون به قوم کي بهتر بڻائي نه سگهندا.“ ’پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟‘ منهنجي پاران وچ ۾ پڇيل سوال ته ميڊم افشان صاحبه پنهنجو جواب ڪجهه هن ريت ڏئي ٿي ته، ”اسان جي اخلاقي ذميوارين ۾ شامل آهي ته سچ ڳالهايون، واعدو پورو ڪريون، سرڪاري ۽ قومي ملڪيت کي پنهنجو سمجهون، رشوت، فراڊ ۽ بدديانتيءَ کي نه رڳو ڇڏيون پر دل سان ان جي مخالفت پڻ ڪريون.“ ڪجهه وقفي سان هوءَ سوچيندي چئي ٿي: ”جڏهن ضمير جا دروازا بند ٿين ٿا، تڏهن قومون ڊگها بحران ڏسن ٿيون، جيئن اسان هڪ طويل بحران مان گذري رهيا آهيون.“ ميڊم جون اهي ڳالهيون ٻڌي مان سوچيان ٿو: قانون ڪنهن به ملڪ جو ڍانچو آهي. جيڪڏهن قانون تي عمل نه ٿيندو ته ملڪ ڪا ٻي چيزَ نه پر جهنگل بڻجي ويندو آهي. ملڪ جو ٺهيل قانون حڪمران توڻي رعايا لاءِ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي. ياد رکڻ گهرجي ته سدائين قانون مٿانهون آهي، نه ڪي فرد مٿانهان آهن. اسان جون قانوني ذميواريون هي آهن ته، ٽريفڪ اصولن جي پيروي ڪريون، ٽيڪس جي ادائيگي ڪريون، بدانتظامي، نقصان ۽ تباھيءَ کان سرڪاري ملڪيتن جي حفاظت ڪريون، ماحول، پاڻي ۽ وسيلن جو صحيح استعمال ڪريون. ان پوري سلسلي ۾ هڪ ڳالهه اَزبر ياد هجڻ گهرجي ته قانون کي صرف خوف سان نه پر شعور سان مڃيو وڃي، ته ملڪ هميشه محفوظ رهندو.
مان تعليمي ۽ علمي ذميوارين بابت پروفيسر افشان بانو ڪانڌڙو کان معلوم ڪرڻ چاهيو ته هن جواب ڏنو: ”تعليم رڳو ڊگريون گڏ ڪرڻ جو عمل نه آهي، پر اهو انسان کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ سماج لاءِ مفيد ٿيڻ سيکاريندو آهي. جيڪڏهن پاڻ تعليمي ذميواريون ڳڻيون ته: استاد رڳو پڙهائي نه پر شاگردن ۾ شعور پيدا ڪري، شاگردن جو مقصد رَٽا هڻڻ نه پر سمجهڻ هجڻ گهرجي، پڙهيل انسان پنهنجي علم کي سماج جي بهتري لاءِ استعمال ڪري، تعليم شخصي نه پر قومي تبديلي جي اوزار بڻجي ۽ اهو پڻ ته جيڪڏهن سماج ۾ علم جي عزت ختم ٿي وڃي ته پوءِ مستقبل پنهنجو رستو وڃائي ڇڏي ٿو.“
ميڊم افشان جون پنهنجي جاءِ تي شاندار ڳالهيون، پر تعليم سان گڏ سماجي ذميواريون ۽ هڪ ٻئي لاء احساس ۽ فرض پڻ هجڻ گهرجن. ملڪ کي صرف حڪومت نه پر سماج ۾ رهندڙ ماڻهو پڻ ٺاهين ٿا. جيڪڏهن معاشري ۾ نفرت بدران محبت، تفرقي بدران اتحاد، خودغرضي بدران تعاون، خاموشي بدران انصاف جيون جو حصو بڻجن، ته پوءِ قومن ۾ حيرت انگيز تبديليون اينديون. اسان جي اڳيان سماجي ذميواري آهن ته: غريبن جي مدد ڪئي وڃي، بيمارن جو احساس ڪجي، يتيم، بيواه ۽ لاوارثن کي تحفظ ڏجي، ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاري وڃي، نه ته خاموشي به ظلم جو ساٿ آهي. ان سان گڏ اهو احساس ته اقتصادي ذميواريون ۽ معيشت قومن جي رَڳَ آهي؛ جيڪڏهن ملڪ معاشي طور مضبوط هجي ته تعليم، دفاع، صحت ۽ ترقي پاڻمرادو مضبوط ٿين ٿا. معاشي ذميواريون صرف حڪومت تي نه آهن، پر هر شهريءَ مٿان عائد ٿين ٿيون.
مان ڪچهري جي آخر ۾ ميڊم افشان کان پڇان ٿو ته پوءِ ضرورت ڪهڙي ڳالهه جي آهي؟ هو نهايت ڌيرج سان وراڻي ٿي ته، ”محنت کي عزت ڏني وڃي، وسيلا ضايع نه ڪيا وڃن، مقامي صنعت ۽ پيداوار کي اوليت ڏجي، قرض تي انحصار گهٽايو وڃي ۽ پيداوار وڌائي وڃي؛ جيڪڏهن رياست ڪمزور هجي پر شهري مضبوط هجن ته رياست ٻيهر اٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏھن شهري ڪمزور هجن ته سڀ ڪجهه موجود هوندي به قوم زنده نه رهي ٿي.“ ميڊم افشان جي ڪچهريءَ جو هي نهايت اهم حصو هو. اهو ان ڪري به ته قوم تڏهن بقا رکي ٿي، جڏهن اها هڪ ٿي سوچيندي آهي. جيڪڏهن قوم اندر: لساني نفرت، سياسي دشمني، ذات پات، يا فرقيواريت جي سوچ موجود هجي ته پوءِ ملڪ ترقيءَ بدران زوال ڏسندو. سڀ کان وڏو ڪردار اهو آهي ته اختلاف راءِ کي دشمني نه پر بامقصد گفتگو ۾ تبديل ڪجي. ان ڪري پاڻ به چئون ٿا ته وطن محبت نه پر ذميواريءَ جو معاهدو آهي. وطن سان محبت سڀ کان وڏي عبادت آهي، پر اها عبادت تڏهن مڪمل ٿيندي آهي، جڏهن شهري پنهنجو فرض ادا ڪن. جيڪڏهن ديس سڀني جو آهي ته پوءِ: صفائي سڀني جي ذميواري، امن سڀني جي ذميواري، تعليم سڀني جي ذميواري، عدل سڀني جي ذميواري، ۽ ترقي سڀني جي ذميواري، ۽ نه فقط ذميواريءَ پر عزم بڻجي وڃڻ گهرجي.