| “ديمڪ” فيم سونيا بهترين اداڪاره جو ايوارڊ ماڻي ورتو |
ماسڪو (ڪلچرل ڊيسڪ) ناليواري اداڪاره سونيا حسين کي هارر فلم ”ديمڪ“ ۾ شاندار اداڪاري تي روس ۾ ٿيل عالمي فلم فيسٽيول ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو. سونيا حسين انسٽاگرام تي فيسٽيول جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي ٻڌايو ته ”يوروشيا روس فلم فيسٽيول“ ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي 35 فلمن کي شامل ڪيو ويو هو. فيسٽيول ۾ 15 ڪيٽيگرين تي ايوارڊز ڏنا ويا، سونيا کي بهترين اداڪاره جي ايوارڊ سان نوازيو ويو، واضح رهي ته فلم ”ديمڪ“ ۾ جاويد شيخ، ثمينا پيرزادو، بشريٰ انصاري، سونيا حسين، فيصل قريشي، ثمن انصاري ۽ ٻين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.