ديني مدرسا قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بنا نه هلندا، قانونسازي جو فيصلو

آگسٽ 1, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) حڪومت ديني مدرسن جي رجسٽريشن ۽ ريگيوليشن لاءِ قانونسازي جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم بل جي مسودي جي منظوري وفاقي ڪابينا کان وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

حڪومتي ذريعن موجب پاڪستان جو نالو فيٽف گري لسٽ مان نڪرڻ کانپوءِ اهڙي قانونسازي ڪئي پئي وڃي، گهرو وزارت ديني مدرسن جي رجسٽريشن ۽ ريگيوليشن لاءِ قانوني مسودو تيار ڪيو آهي، جيڪو منظوري لاءِ وزيراعظم کي موڪليو ويو، وزيراعظم مسودي جي وفاقي ڪابينا مان منظوري وٺڻ جي اجازت ڏني

ڄاڻايل بل تحت ڪوئي مدرسو قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بنا نه هلي سگهندو، وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو

ذريعن موجب مدرسن جي رجسٽريشن ۽ ريگيوليشن بابت پراڻن قانونن کي ملتوي ڪري نئون قانون ٺاهيو پيو وڃي

فيٽف جي شرطن تي سمورن غير حڪومتي ۽ رضاڪاراڻي تنظيمن جي قانون کي به ملتوي ڪري نئون ٺاهيو ويو، اين جي اوز، ٽرسٽ بابت به پراڻو قانون ملتوي ڪري نئون ٺاهيو ويو، صوبن ۽ وفاقي گادي واري شهر سميت پوري ملڪ ۾ پراڻو قانون ختم ڪري نئون ٺاهيو پيو وڃي

Leave A Comment