| ديپڪا پوڊڪون ۽ رنوير سنگهه جي گهر نئون مهمان؟ |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور جوڙي ديپڪا پوڊڪون ۽ رنوير سنگهه پنهنجي ٻي خوشي جي خبر مداحن سان شيئر ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مبارڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جوڙي آچر 19 اپريل تي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽس ذريعي هڪ منفرد ۽ پياري پوسٽ ذريعي ٻي اميدواري (Pregnancy) جي تصديق ڪئي. انهي پوسٽ ۾ هڪ دلچسپ تصوير شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ سندن ڌي دوا هڪ پازيٽو نتيجو ڏيکاريندڙ پرگننسي ٽيسٽ ڪٽ کڻي بيٺل آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهي تصوير ۾ ديپڪا ۽ رنوير پاڻ موجود نه هئا، رڳو بيبي دوا کي نمايان ڪيو ويو هو، اڃا تائين اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته ٻئي ٻار جي آمد ڪڏهن متوقع آهي؟ ياد رهي ته ديپڪا ۽ رنوير 14 نومبر 2018 تي اٽلي جي ليڪ ڪومو (Lake Como) ۾ شادي ڪئي هئي. ٻنهي سيپٽمبر 2024 ۾ پنهنجي پهرين ڌيئر دوا جي پيدائش جو اعلان ڪيو هو.